نمرتا ڪيس نئون رخ، جج جا تحفظات، شادي کان انڪار پرATM استعمال

ڪراچي(شهزادو مستوئي) گهرو کاتي جي ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته لاڙڪاڻي جي سيشن جج نمرتا ميرچنداڻي جي قتل جي عدالتي جاچ شروع ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي . جج جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي سڌي طرح کيس لکڻ بدران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ذريعي کيس جاچ لاءِ درخواست ڪرڻ گهرجي ها. ذريعن جو چوڻ آهي ته جج ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو پوليس کي آگاه ڪيو آهي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو هوم سيڪريٽري قاضي ڪبير، جيڪو پرڏيهه ۾ آهي، تنهن کي آگاهه ڪيو آهي. جنهن چيو آهي ته سيشن جج اها ڳالهه لکت ۾ ڪري. هوڏانهن پوليس به اڃان تائين ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي ڇو ته وارث ان لاءِ تيار  ناهن ۽ هو چون ٿا ته تعزيت لاءِ پري پري کان ايندڙ مهمانن سبب هو تڏي تي ويٺل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وارث هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ چاهين ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس مهراڻ ابڙو ۽ واسع عرف علي شان ميمڻ جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن، جن ۾ مهراڻ ابڙو جو چوڻ آهي ته نمرتا کيس شادي جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول نه ڪئي ۽ ان ڳالهه جي پروفيسر امر لعل کي ان بابت مڪمل ڄاڻ آهي. مهراڻ ابڙو جي بيان بعد نمرتا ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مهراڻ ابڙو اهو به ٻڌايو آهي ته هو نمرتا جو اي ٽي ايم ڪارڊ ستعمال ڪندو هو ۽ ڀيڻ جي شادي لاءِ هن ڪراچي مان خريداري به سندس ڪارڊ تي ڪئي هئي، جنهن جي نمرتا جي گهر وارن کي به خبر هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو