نمرتا چنداڻي جي حقيقي قاتلن کي وائکو ڪيو وڃي؛ قادر مگسي

نوابشاهه(اي ڪي ڏاهري) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ٽي روزه علامتي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ آخري ڏينهن تي پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، هوت خان گاڏهي، سومار منگريو ۽ ٻي مرڪزي قيادت سان پهتو. پريس ڪلب اڳيان لڳل علامتي ڪئمپ ۾ موجود ڊاڪٽر قادر مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان گذريل ٽن مهينن کان ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جي حقيقي قاتلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ هاڻي جوڊيشل رپورٽ به اچي وئي آهي ته انهي کي ظاهر ڇو نٿو ڪيو وڃي ۽ انهي قتل ۾ جيڪي به ملوث آهن انهن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي ۽ جوڊيشل رپورٽ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ اسان پنهنجو لائحه عمل جوڙينداسين. انهي موقعي تي سيد اطهر شاهه، نثار ڪيريو، رفيق ملاح ۽ ٻي ضلعي قيادت جا ماڻهو موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو