نفيسا شاهه جي سکر جي صحافين سان اظهار يڪجهتي، هر ممڪن تعاون ڪبو

سکر( بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ڊاڪٽر نفيسا شاهه سکر پريس ڪلب جي تالابندي خلاف صحافين سان اظهار يڪجهتي لاءِ روڊ تي لڳل ڪيمپ پهتي. هن چيو ته هي ڪهڙو نئون پاڪستان آهي جنهن ۾ صحافين تي حملا ۽ پريس ڪلب سيل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سکر اتر سنڌ جو وڏو مرڪز آهي ۽ اڪثر بي پهچ ۽ مظلوم ماڻهو هتي داد رسي لاءِ ايندا آهن پر حڪومت سکر پريس ڪلب کي تالا هڻي عوام کان احتجاج جو حق به کسي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آمراڻي دور ۾ به ايترو ظلم ميڊيا تي نه ٿيو جيترو هي حڪومت ڪري رهي آهي. هن چيو ته جمهوريت لاءِ جيتري آزاد عدليا ضروري آهي اوتري آزاد ميڊيا به لازم آهي. هن صحافين کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته هوءَ ان معاملي بابت قومي اسمبلي ۾ آواز اٿاريندي ۽ هر فورم تي سکر جي صحافين سان گڏ آهي. هن چيو ته سنڌ ورهائڻ جي مطالبي جي هوءَ مذمت ٿي ڪري، جيڪا جماعت پاڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي آهي اها ڪينئن سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو