نعيم اختر افغان بطور جج سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري واري معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.ذريعن موجب بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 23 فيبروري تي ٿيندڙ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس نعيم اختر افغان جي مقرري تي غور ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ جو جج نامزد ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرري تي به غور ڪيو ويندو.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ هن وقت 3 ججن جون سيٽون خالي آهن جن مان 14 جج پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو