نشي ۾ ڌت ڪائونسلر جون پوليس اهلڪار کي گاريون

عادلپور  (اسلم مهر ) صالح مهر ۾ ڊيوٽي تي موجود  پوليس اهلڪار  مٿان يوسي صالح مهر جو بااثر ڪائونسلر مبينا نشي جي حالت ۾  مڇرجي موتمار ڌمڪيون ڏنيون. جنهن خلاف عادلپور ٿاڻي جي متاثر پوليس اهلڪار اختر مهر  الزام هڻندي چيو ته جڏھن مان رات  جي شفٽ ۾ ڊيوٽي تي موجود ھيس ته  يوسي  صالح مهر جو بااثر ڪائونسلر  عبدالغني  مهر نشي جي حالت ۾ گاڏي مان لهي بلا جواز مون تي ڏمرجي گار گند ڪندي موت مار ڌمڪيون ڏنيون ۽ فرار ٿي ويو. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته  اهڙو اطلاع مون عادلپور ٿاڻي تي پڻ ڏنو آھي. ھن  چيو ته مان آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر  ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ٿو ڪريان ته  بااثر ڪائونسلر عبدالغني مهر خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو