ناڪ آئوٽ ٽورنامينٽ اسٽار اليون سيڏيو کٽي ورتو

نئون ڪوٽ (پيارعلي نھڙيو) ڳوٺ ڪوٽ ارباب مير محمد ۾ ڇهن ڏينهن واري فرسٽ ناڪ آئوٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل اسٽار اليون سيڏيو ۽ زلمي اليون نئون ڪوٽ وچ ۾ کيڏيو ويو. زلمي اليون نئون ڪوٽ ٽاس کٽي اسٽار اليون سيڏيو کي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني اسٽار اليون سيڏيو پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره ڏھ اورن ۾ ڇھ وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهيون اسٽار اليون جي بئٽسمين فهيم بجير 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيو 127 رنسن جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي زلمي اليون نئون ڪوٽ مقرره ڏھن اورن ۾ چار وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنسون ٺاهي سگهي. فائنل کٽيندڙ ٽيم کي مهمان خاص محمد صديق نهڙيو انعام ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو