ناڪام خارجه پاليسي، دوست ملڪ به دشمن بڻجي ويا: راشد محمود سومرو

دادو(ادل مهيسر) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ اندروني ۽ بيروني خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي ناڪام خارجه پاليسي سبب دوست ملڪ به پاڪستان سان ناراض آهن ڪشمير جنهن بابت قائد اعظم محمد علي جناح چيو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي اڄ اها رڳ لهولهان آهي. هن اهڙو اظهار دادو جي مدرسه دارالفيوض ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته جن ڪشميرين 70 سال ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا هنيا اڄ اهي فوج طرف ڏسن پيا، پاڪ فوج لائحه عمل جوڙي ته ڪشمير جي جنگ ۾ جي يو آءِ جا حلف يافته 30 لک ڪارڪن پاڪ فوج جي شانه بشانه جنگ وڙهندا. هن چيو ته ناڪام  معاشي پاليسي سبب معيشت تباهه ٿي وئي آهي غربت سبب ماڻهون ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، عوام بجلي جو بل ادا ڪرڻ لاءِ پريشان آهن حڪومت هلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ جي يو آءِ جا 30لک ڪارڪن اسلام آباد طرف پرامن ملين مارچ ڪندا ملين مارچ ذريعي عمران خان جي حڪومت جو جنازو پڙهيو ويندو. هن چيو ته 7 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ جي ضلعي هيڊڪوارٽرس ۾ قاديانين خلاف احتجاج ڪيو ويندو ۽ ختم نبوت ريليون ڪڍيون وينديون. هن چيو ته جن کي ڪرپٽ چئي جيل ۾ وڌو ويو آهي انهن 40 سالن ۾ ايترو قرض نه ورتو جيترو عمران خان هڪ سال ۾ ورتو آهي. هن چيو ته اسان ملڪ جا محب وطن آهيون جي يو آءِ ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت بيٺل آهي. ان موقعي تي مفتي منظور احمد سومرو، حافظ انور کونهارو، حبيب الرحمان ملڪاڻي، نصر الله ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو