نان فائلرز جي موبائل بيلنس مان 100 مان 90 روپيه ٽيڪس ڪٽوتي جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايف بي آر پنج لک ستر هزار کان وڌيڪ نان فائلرز تي اڍائي سيڪڙو جي بجاءِ نوي سيڪڙو اضافي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب تازي انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر ذريعي جن پنج لک ستر هزار کان وڌيڪ نان فائلرز جون فهرستون جاري ڪيون ويون آهن انهن تي انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ تائين 90 سيڪڙو اضافي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳايو ويندو.پري پيڊ ۽ پوسٽ پيڊ نان فائلرز طرفان لوڊ ڪرايل بيلنس مان خودڪار سسٽم ذريعي 90 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ ڪٽوتي ڪري ايف بي آر کي جمع ڪرايو ويندو. جيڪڏهن ڪوبه صارف سئو روپين جو بيلنس لوڊ ڪرائيندو ته انهي مان 90 روپيه ايف بي آر ڏانهن ويندا.جيڪڏهن موبائل فون ڪمپنين طرفان اهڙن نان فائلرز جي سمز بلاڪ ڪرڻ جي باوجود به انهن انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرايا ۽ ڪنهن ٻئي جي موبائل فون سم ڪڍرائي استعمال ڪن ٿا ته انهي تي به کين 90 سيڪڙو اضافي ٽيڪس ڏيڻو پوندو.نان فائلرز جي هر ڀيري موبائل ۽ ڊيٽا لوڊ تي به اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. نان فائلرز جي سمز بند ڪرائڻ جي لاءِ انهن جو ڊيٽا اڳ ئي پي ٽي اي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنين جي حوالي ڪيو ويو آهي.ٽيلي ڪام آپريٽرز کي پنج لک ستر هزار کان وڌيڪ نان فائلرز جي سمز بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن رهجي ويا آهن. ٽيلي ڪام ڪمپنين هينئر تائين ساڍا يارنهن هزار کان وڌيڪ نان فائلرز جون سمون بلاڪ ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته پندرنهن هزار نان فائلرز جي سمز بلاڪ ڪرڻ کان خبردار ڪرڻ جا پيغام اماڻي ڇڏيا آهن.ذريعن موجب هڪ ٽيلي ڪام ڪمپني نان فائلرز جون سمون بلاڪ نه ڪيون آهن. مذڪوره انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جي خلاف عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو