ناريءَ جو والدين سان گڏ احتجاج، جوابدارن تي مبينه لڄالٽ جو الزام

ٽنڊومستي (نادر علي اڄڻ) ڳوٺ بھار خان چانڊيو جي رھواسڻ نوجوان ناري گل بانو پنهنجي پيرسن والدين بهار خان ۽ امڙ وڌل خاتون سان گڏ پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته 6 سال اڳ علائقي جي بااثر هٿياربندن اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري مون کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا ھئا جنهن کانپوءِ جوابدار مون کي بنا نڪاح جي مختلف جڳهن تي قيد بڻائي مونسان زيادتي ڪندو رھيو ۽ مونکي ڪڏهن شھدادڪوٽ، جاگير ۽ ٻين علائقن ۾ لڪائيندو رھيو جن مان مون کي 3 ناجائز ٻارن جو اولاد به ٿيو آهي جن ۾ 2 پٽ هڪ نياڻي شامل آهي. هن چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ مون کي پنھنجي ڳوٺ بخشل خان ٻلھاڙي وٺي آيا جتي موقعو ملندي پنهنجي ماءُ ڏانهن ميسيج ڪيو ته مان ھن ڳوٺ ۾ قيد آھيان جنهن ڪنب ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏئي مون کي آزاد ڪرايو پر پوليس وارثن سان ملاقات ڪرڻ نه ڏني ۽ منهنجي والدين خيرپور جي عدالت سڳوريءَ کي اھڙو اطلاع ڏنو جنهن ڇاپو هڻي مون کي خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي مون اھڙو بيان رڪارڊ ڪرايو جنهن کانپوءِ خيرپور جي عدالت مون کي منهنجي رضا خوشيءَ سان پنھنجي ماءُ سان  گڏ رھڻ جي اجازت ڏني جنھن کان پوءِ جوابدار منهنجي وارثن کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ منھنجي مائٽن، رشتيدارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن جن سان علائقي جو بااثر ۽ ڪنب ٿاڻي جي پوليس ٻٽ بڻيل آهي جنھن ڪري اسان کي جاني مالي نقصان جو خطرو آهي. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري تحفظ ڏئي  انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو