شهباز شريف 201 ووٽ کڻي 24 هون وزيراعظم بڻجي ويو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)قومي اسيمبلي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي 16 هون ايوان جو قائد ۽ ملڪ جو 24 هون (نگران وزيراعظمن کي گڏائي ڪري 33 هون) وزيراعظم چونڊي ورتو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم لاءِ ٿيل چونڊ نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته شهباز شريف شريف 201 ووٽ کڻي پاڪستان جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ اميدوار عمر ايوب 92 ووٽ حاصل ڪيا.ان کان اڳ اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر اسپيڪر جي ڊائيس آڏو احتجاج شروع ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ هو پنهنجي سيٽن تي وڃي ويهي رهيا. نئين قائد ايوان جي چونڊ عمل کان اڳ اسپيڪر جي حڪم تي 5 منٽن تائين گھٽيون وڄايون ويون، گھنٽيون وڄائڻ کان پوءِ ايوان جا در بند ڪيا ويا ۽ اسپيڪر پاران اعلان ڪيو ويو ته شهباز شريف جي حق ۾ جيڪي ميمبر آهن لابي اي ڏانهن هليا وڃن جڏهن ته عمر ايوب جي حق ۾ ميمبر لابي بي ۾ هليا وڃن. جي يو آءِ جي ميمبرن وزيراعظم جي چونڊ ڪارروائي جو حصو نه بنيا ۽ قومي اسيمبلي جي هال جا در بند ٿيڻ کان اڳ هال کان ٻاهر هليا ويا جڏهن ته سردار اختر مينگل ايوان ۾ ويٺل رهيو ۽ هن ڪنهن کي به ووٽ نه ڏنو.حڪمران اتحاد پاران وزيراعظم لاءِ شهباز شريف اميدوار هو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جو عمر ايوب خان هو…..وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪڏهن بدلي جي سياست جو سوچيو به ناهي، گڏجي فيصلا ڪيون ته چئلينجن کي منهن ڏئي سگهون ٿا.وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته اسان سدائين صبر جو مظاهرو ڪيو، اسان بدلي جي سياست جو ڪڏهن سوچيو به ناهي، نواز شريف جي حڪومت جو تختو ٽي ڀيرا اونڌو ڪيو ويو پر هن ملڪ جي مفادن خلاف نه ڳالهايو، محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته آصف زرداري به پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، آصف زرداري ۽ بلاول به ڪڏهن پاڪستان جي مفاد خلاف نه ڳالهايو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچي سڄي اپوزيشن کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو، عورتن ۽ ٻارن لاءِ انتهائي ڪريل لفظ استعمال ڪيا ويا، فوج خلاف زهر اوڳاڇيو، 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ڪيا ويا، 9 مئي جا جوابدار هر صورت ۾ قانون کي منهن ڏيندا، جيڪي بي ڏوهه آهن، انهن کي نقصان نه پهچندو.سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، خط لکڻ جو مطلب آهي ته توهان کي پنهنجي آئيني ادارن ۽ پارليامينٽ تي اعتبار ناهي، ان کان وڏي ملڪ دشمني ڪهڙي هوندي، جيڪڏهن اسان گڏ ويهي فيصلا ڪيون ته هماليه کان بلند ۽ سمنڊ کان گهرن چئلينجن کي منهن ڏئي سگهون ٿا، اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته چئلينج ڪهڙا آهن. شهباز شريف چيو ته بجلي ۽ ٽيڪس چوري قوم جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، جنهن جو سڄو بار غريب تي پوندو آهي، ان ڪينسر کي پاڙئون پٽينداسين، مهانگائي گهٽائي روزگار جا ذريعا وڌائينداسين، قرض هوريان هوريان ختم ڪنداسين، معاشي ميدان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 لک نوجوانن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي خاص تربيت ڏينداسين، ننڍن آبادگارن کي سولر ٽيوب ويل فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ماڻهو گم ٿيڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، مسنگ پرسنز جو مسئلو حل ڪرڻ بنا بلوچستان ۾ امن قائم نه ٿيندو، ان معاملي تي مقامي قيادت سان گڏجي فيصلو ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو