اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.موڊيز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ انتهائي تڪراري چونڊن سبب سياسي خطرا وڌيڪ آهن، نئين اتحادي حڪومت لاءِ غير يقيني صورتحال برقرار رهندي، جڏهن ته مشڪل سڌارن لاءِ نئين اتحادي حڪومت جو چونڊ مينڊيٽ گهڻو مضبوط ناهي.موڊيز پاڪستان جي آئوٽ لک کي مستحڪم پر ڊگهي مدي واري CAA-3 جي درجه بندي برقرار رکندي چيو آهي ته پاڪستان ٻاهرين مالي ضرورتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناقص ذخيرن جي ڪري پاڪستاني معيشت کي مختصر، وچولي مدي ۾ تمام وڏا مالي خطرا درپيش آهن.موڊيز موجب آءِ ايم ايف کان قرض جي نئين پروگرام تحت ٻين ملڪن ۽ ادارن کان قرض وٺڻ مشڪل ٿي ويندو، مالي ۽ پرڏيهي خطرن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ٿي سگهي ٿي، پاڪستان کي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۽ آمدني کي بهتر ڪرڻو پوندو. قرض نه ڏيڻ جي صورت ۾ پاڪستان جي ريٽنگ گهٽجي سگهي ٿي










