شگر جي مريضن لاءِ خوشخبري،نئين دوا تيار انسولين مان جند آجي

نيويارڪ (ڊيسڪ نيوز) طب جي آمريڪي ماهرن شگر جي مريضن لاءِ انقلابي دوا ٺاهڻ متعلق اڳڀرائي ڪئي آهي، اها دوا انسولين جي انجيڪشن جي ضرورت ختم ڪري ڇڏيندي. ڪجهه دوائون خاص ڪري پروٽينز مان ٺهندڙ دوائون وات وسيلي ناهن کائي سگهبيون ڇو ته اهي غذائي ناليءَ ۾ وڃي ذرا ذرا ٿي وينديون آهن ۽ ڪوئي فائدو ناهي ٿيندو. انسولين ان جو هڪ مثال آهي جيڪو شگر جي مريضن کي روزانو يا اڪثر انجيڪشن جي صورت ۾ لڳائڻي پوندي آهي. آمريڪا جي ميسا چوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (ايم آءِ ٽي) جي ماهرن اهڙو ڪيپسول تيار ڪيو آهي جيڪو ايترو مضبوط آهي جو معدي ۾ موجود ايسڊ کان بچي سگهي ٿو. اگر ماهر انهيءَ نئين کي تيار ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ ڪامياب ٿي ويا ته پوءِ انسولين يا ٻيون پروٽين واريون دوائون انجيڪشن وسيلي وٺڻ بجاءِ ڪيسپول وسيلي کائڻ جي سهوليت ميسر ٿي ويندي. ٻڌايو ويو آهي ته نئون ڪيپسول ننڍي آنڊي ۾ جڏهن پهچندو ته ننڍن ننڍن ذرن ۾ ورهائجي دوا کي رت جي دوري ۾ شامل ۾ ڪري سگهندو. کوجنا ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اگر نئين دوا تيار ٿي وئي ته شگر جي مريضن کي گهڻي سهوليت ٿيندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو