نئين حڪومت سان پاليسين تي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون: آءِ ايم ايف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشن جولي ڪوزڪ چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاليسين تي نئين حڪومت سان ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي.ميڊيا بريفنگ ۾ آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشن جولي ڪوزڪ جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال تي تبصرو نه ڪندي.هن چيو آهي ته 11 جنوري تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽينڊ بائي انتظام جي پهرين جائزي جي منظوري ڏني هئي، اسٽينڊ بائي انتظام تحت پاڪستان کي 1.9 بلين ڊالر جاري ڪيا ويا هئا.ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن آءِ ايم ايف وڌيڪ چيو ته جڏهن ته قرض پروگرام معاشي استحڪام جي ڪوششن کي هٿي ڏئي رهيو آهي، قرض پروگرام ۾ ڪمزور ماڻهن جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته نگران حڪومت دوران اختيارين معاشي استحڪام برقرار رکيو، مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ، مٽا سٽا جي شرح وڌائڻ لاءِ اختيارين سخت مانيٽري پاليسي تي عمل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو