ڪنڊيارو(اسد جعفري) سهڙا شاخ ۾ هڪ 30 ورهين جي عورت پنهنجي ٻن معصوم ٻارن سميت مبينه طور ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. آس پاس جي ڳوٺاڻ 5 ساله نينگر کي پاڻي مان ڪڍي بچائي ورتو جڏهن ته عورت ۽ نينگري فوت ٿي ويون. اطلاع تي ڪنڊيارو پوليس موقعي تي پهچي لاش ۽ بچي ويل نينگر کي تعلقي اسپتال ڪنڊيارو پهچايو جتي نينگر جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. عورت ۽ ٻارن جي سڃاڻپ دادو واسين طور ٿي آھي پوليس مطابق فوتي عورت جو نالو 30 ساله انشيلا زال ياسين کوسو، فوتي نينگري جو نالو پارس ڌيءَ ياسين ۽ بچي ويل نينگر جو نالو 5 سالا مجاهد آھي جيڪي هن وقت دادو ۾ رهندڙ ھئا، عورت رات جو مڙس سان ناراض ٿي گهران نڪتي هئي، صبح جو سوير ڪنڊيارو ۾ ھڪ هوٽل تي چانهن پيئڻ بعد عورت معصوم ٻارن سميت شاخ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي. لاش ضروري ڪارروائي بعد عورت جي ماسات اظهر کوسو حوالي ڪيا ويا جيڪو لاش ڳوٺ کڻائي ويا.
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف
عوامي ميڙاڪن تي پابندي وارو قانون قومي اسمبلي مان به منظور
گاڏين جي خريداري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم
وفاقي حڪومت جو 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان
ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي
ڏهرڪي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ