screen shot file photo

ميشا جي هڪ ٽوئيٽ زندگي بدلائي ڇڏي؛ علي ظفر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جو ميشا شفيع پاران جنسي حراسان ڪندڙ الزامن جي باري ۾ چوڻ آهي ته ميشا جي هڪ ٽوئيٽ منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي آهي. ڪجهه وقت اڳ علي ظفر اداڪار احسن خان جي شو م مهمان طور شرڪت دوران هن چيو ته گلوڪاره ميشا شفيع طرفان لڳايل جنسي حراسمينٽ وارا الزام ۽ انهن الزامن جي ڪري ان جي زندگيءَ تي پوندڙ اثر جي باري ۾ کُلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. واضح رهي ته هلندڙ سال جي اپريل مهيني ۾ ميشا شفيع علي ظفر تي الزام لڳايو هو ته جيمنگ سيشن يعني گاني ڳائڻ جي ريهرسل دوران علي ظفر ان کي جنسي طور هراسان ڪيو هو ان کان پهرين به هو ڪيترائي دفعا هراسان ڪري چڪو آهي. علي ظفر ميشا شفيع جي سڀني الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو ۽ ان تي هتڪ عزت جي دعويٰ پڻ داخل ڪرائيندي ان کي هڪ ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس به موڪليو هو. علي ظفر وڌيڪ ٻڌايو ته ان ڪيس دوران سڄو سال هن جي جذبن ۽ مالي طور وڏو نقصان پهتو ڪيس مان ان جي زندگي تي پوندڙ اثر متعلق هن جو چوڻ هو ته موجودهه سوشل ميڊيا جو دور آهي هتي هر انسان کي پنهنجي حقن جي باري ۾ مڪمل آگاهه رهڻ گهرجي توهان سوشل ميڊيا تي جيڪو به ڳالهايو ته هڪ هڪ لفظ سوچي سمجهي ڳالهايو ته جيئن ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو