ميرپورخاص )ن س )ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ ڪرپشن جو هڪ ڪيس سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هزارين افغان شهرين کي جعلي ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اي ايس پي قرة العين جو چوڻ آهي ته افغان شهرين جا ڊوميسائل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جعلي سرٽيفڪيٽن جي بنياد تي ٺاهيا ويا هئا. گرفتار جوابدارن اهو به اعتراف ڪيو ته نمبر وڌائڻ لاءِ 50 هزار کان 100 هزار رپيا، فيل امتحان پاس ڪرڻ لاءِ 50 هزار رپيا ۽ جعلي ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ لاءِ 50 هزار رپيا ورتا ويا.جوابدار چيو ته ڪنٽرولر بورڊ هن معاملي ۾ مکيه اداڪار هو، ٻه سرڪاري ۽ ٻه خانگي اسڪول پڻ هن معاملي ۾ ملوث هئا.










