موٽر وي پوليس وڻڪاري مهم شروع ڪري ڇڏي

نوشهروفيروز (ن س) موٽروي پوليس جو روڊ سيفٽي سيمينار ۽ ٻوٽا پوکڻ جي مهم شروع، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ شاندار تقريبون. خبر موجب آءِ جي موٽروي پوليس اي ڊي خواجه جي هدايتن تي موٽروي پوليس بيٽ مورو ۽ ڪنڊيارو پاران تقريبون ٿيون. سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس نوشهروفيروز ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ روڊ سيفٽي بابت هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اسلم پرويز ميمڻ چيو ته روڊ حادثن کان بچڻ ۽ انسان ذات جي حفاظت لاءِ قانون کي ذهني طور تسليم ڪري ان تي عمل ڪرڻو پوندو. ڊي ايس پي موٽروي محمد حنيف، سوشل ويلفيئر آفيسر سيد علي احمد شاهه، سجاد ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻئي طرف موٽروي پوليس ڪنڊيارو بيٽ جي ڊي ايس پي فرهادالله، ايڊمن آفيسر عبدالرشيد سهتو، پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر۽ ٻين پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ شجرڪاري مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽا پوکيا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊي ايس پي فرهادالله چيو ته موٽروي پوليس قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان ٻوٽا پوکيا پيا وڃن جيئن اسان سرسبز ۽ شاداب ماحول پيدا ڪري سگهون ۽ پريس ڪلب ۾ ٻوٽا پوکي اسان کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو