موٽرسائيڪل سوار مرد ۽ عورت جي صحافي امتياز مير تي فائزنگ،زخمي

موٽرسائيڪل سوار مرد ۽ عورت جي صحافي امتياز مير تي فائزنگ،زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ملير ڪالا بورڊ ويجهو فائرنگ ۾ خانگي ٽي وي اينڪر امتياز مير زخمي ٿي پيو، پوليس موجب، ملير ڪالا بورڊ ويجهو ڪار تي فائرنگ ۾ خانگي ٽي وي اينڪر امتياز مير زخمي ٿي پيو. امتياز مير پنهنجي ڀاءُ سان گڏ وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻهن فائرنگ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ دوران امتياز مير کي سيني ۽ چهري تي گوليون لڳيون، جنهن کان پوءِ زخمي اينڪر کي فوري طور تي ويجهي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي کان پوءِ شڪي ماڻهو فرار ٿي ويا، واقعي واري هنڌ تان 2 گوليون ۽ هڪ گاڏي هٿ ڪئي وئي آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب، موٽرسائيڪل تي سوار هڪ عورت ۽ هڪ مرد فائرنگ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي رهيو آهي، جڏهن ته زخمي اينڪر جو بيان وٺڻ کان پوءِ حتمي معلومات سامهون ايندي. پوليس اختيارين موجب، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ ۽ آس پاس جي علائقن جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ حاصل ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو