مون کي گرفتار ڪرڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته مون کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، عدالت مان سمورن ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪرڻ باوجود حڪومت مون کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي.هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته حڪومت جي سمورين بدديانتي باوجود عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته مان قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، بدقسمتي سان رستي ۾ حادثي سبب ڪجهه دير ٿي. عمران خان چيو ته واضح ٿي ويو آهي ته لاهور ۾ گهيري جو مقصد مون کي ڪنهن ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ نه پر مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ هو ته جيئن مان چونڊ مهم نه هلائي سگهان.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته پنجاب پوليس زمان پارڪ ۾ سندس گهر تي حملو ڪيو آهي، بشرا بيگم زمان پارڪ جي گهر ۾ اڪيلي هئي، هي ڪهڙي قانون تحت ڪري رهيا آهن؟ عمران خان چيو ته هي لنڊن پلان جو حصو آهي، نواز شريف جو مطالبو آهي ته مون کي جيل ۾ وڌو وڃي ته جيئن اليڪشن ۾ حصو نه وٺي سگهان.

پهنجو تبصرو موڪليو