لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مون تي ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش جو الزام آهي.اسلام آباد جي ايف 8 ڪورٽ روم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي ڪا اهڙي تقرير ڏيکاريو جنهن تي عوام کي مشتعل ڪيو هجي، منهنجي خلاف سمورا ڪيس سياسي انتقام آهن.هن چيو ته گذريل سال مئي ۾ منهنجي خلاف اسلام آباد جي 5 مختلف ٿاڻن ۾ 6 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف قانون ۽ آئين لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، سموريون ايف آءِ آر سياسي بنيادن تي داخل ڪيون ويون، آئيني قانوني ۽ سياسي جنگ هلي رهي آهي.اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران ڏوهن جي شرح ۾ گهٽتائي آئي، اندروني چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ 2022ع ۾ قومي سلامتي پاليسي جوڙي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، مهانگائي جو نئون طوفان اچي رهيو آهي، اسان اي پي ايس سانحي تي ڌرڻو ختم ڪري اي پي سي ۾ شريڪ ٿيا هئاسين، هاڻي ماحول مختلف آهي، انتقامي ڪارروايون جاري آهن.
