مولانا رابطا عالم اسلامي جو مرڪزي ميمبر چونڊجي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) رابطا عالم اسلامي جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي مرڪزي قيادت ۾ شامل ڪري ورتو.سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ رابطا عالم اسلامي جو اجلاس ٿيو.جي يو آءِ ف اڳواڻ مولانا محمد امجد خان ٻڌايو ته جي يو آءِ سربراهه کي رابطا عالم اسلامي جو سينئر ميمبر چونڊيو ويو آهي.جي يو آءِ اڳواڻ موجب اجلاس ۾ رابطا عالم اسلامي جنرل سيڪريٽري محمد بن عبدالڪريم، امام ڪعبه شيخ عبدالرحمان السديس، مفتي اعظم سعودي عرب شيخ عبدالعزيز آل شيخ ۽ ٻيا موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو