اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان دهشتگردي جي نالي تي اليڪشن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ آهي.پي ٽي آءِ جي اطلاعات واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته مولانا خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت ۾ 16 وزيرن کي ڀرتي ڪري ڪرپشن جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر سيف الله چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 154 رپيا ليٽر پيٽرول حرام هو ۽ اڄ 273 رپيا ليٽر پيٽرول مولانا حلال سمجهي ٿو.بئريسٽر سيف الله چيو ته مولانا کي امن امان ۽ مهانگائي جي ڪا به پرواهه ناهي.
