مورو جو هندو نوجوان ۽ بدين جي پرڻيل عورت مسلمان ٿي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) مورو ۾ هندو نوجوان آڪاش اوڏ ۽ نئون ڪوٽ ۾ شادي شده عورت لڇمي ڪلمو پڙهي دين اسلام ۾ داخل ٿي ويا. ٻنهي چيو ته هو رضا خوشي سان اسلام کان متاٽر ٿي پنهنجو مذهب بنا دٻاءَ جي تبديل ڪري رهيا آهن. نئون ڪوٽ مان  پيارعلي نھڙيو  موجب بدين ضلعي جي ڳوٺ  حاجي فضل ميمڻ تعلقو ٽنڊو باگو  جي رهواسڻ 28 سالا  شادي شده هندو ناري لڇمي عرف گڏي  ڌيءَ موهن ڪولهي دين اسلام کان متاثر ٿي مدرسه گلزار خليلي سامارو پهچي پير آغا جان سرهندي وٽ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿي وئي سندس مسلماني نالو زليخان رکيو ويوناري مسلمان ٿيڻ بعد نئون ڪوٽ جي ماروي ڪالوني جي رهواسي محمد صابر ولد عبدالحميد راجپوٽ سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو . هنن چيو ته ناري جو اڳوڻو مڙس ۽ والد کين مارن لاءِ ڳولي رهيا آهن، هنن پوليس کان تحفظ جو مطالبو  ڪيو آهي. ***مورو  مان مورائي اياز سولنگي موجب مھراڻ ڪالوني جي رھواسي ھندو مذھب سان تعلق رکندڙ نوجوان آڪاش ولد چندي رام اوڏ فيضان مدينه مورو پھچي مولوي محمد آصف عطاري هٿان ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪيو.

سندس اسلامي نالو غلام النبي ۽ ذات سولنگي سڏائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. اسلام قبول ڪندڙ نوجوان کي ايڊووڪيٽ سليم سولنگي، غلام دستگير پپو ماڇي، محمد جمن سولنگي، اياز سولنگي ۽ ٻين گلن جا ھار پارائي مبارڪباد ڏئي مٺائي کارائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو