اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جو چوڻ آهي ته موتمار ڪانگو وائرس جانورن مان انسانن ۾ پکڙجي ٿو، وائرس متاثر شخص جي ويجهو رهڻ ۽ ان کي ڇهڻ سان ٻين تائين منتقل ٿي سگهي ٿو.ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪانگو وائرس کان متاثر ٿيلن ۾ وڏي تعداد ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسون شامل آهن.صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ڪانگو وائرس سبب فوت ٿيلن جي تدفين لاءِ به احتياط جي ضرورت آهي ڇو ته لاش کي ڇهڻ سان به ڪانگو وائرس پکڙجي سگهي ٿو.
