مهيسرو واهه ۾ 2 نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا، گهر ۾ ڪهرام

پنوعاقل (سنتوش ڪمار) پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ محمد بخش مهيسر ۾ مهيسرو واھ ۾ گرمي سبب وهجندي ٻه  ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا ، ٻڏي فوت ٿي ويلن ۾ 17 ورهين جو عبدالغفار مهيسر ۽12 ورهين جو محمد اعظم مهيسر شامل آهن.

فوت ٿي ويل ٻئي نوجوان پاڻ ۾ سئوٽ آهن ، تعلقہ اسپتال پنوعاقل ۾ قانوني ڪارروائي بعد ٻنهي ٻارڙن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي کين ڳوٺ کڻائي ويا، لاش گهر  پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو