مني پور فسادن ۾ هينئر تائين 180 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست مني پور ۾ فسادن جو سلسلو جاري آهي.ڀارتي ميڊيا موجب مني پور ۾ ميٽي برادري جا 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترن ئي گهرن کي باهه ڏني وئي.هجوم بشنوپور ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽن تي حملو ڪيو ۽ گولا بارود سميت ڪيترائي هٿيار ڦري ويا.ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته مڇريل ماڻهن مني پور رائفلز جي بٽالين کان هٿيار ۽ بارود ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، صورتحال ٻيهر بي قابو ٿي وئي، هٿيار ۽ بارود ڦر ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب مني پور ۾ 3 مئي کان جاري فسادن ۾ 180 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو