مني لانڊرنگ، عمران جي ساٿي گهمن جا اهم انڪشاف

مني لانڊرنگ، عمران جي ساٿي گهمن جا اهم انڪشاف

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عمران خان جي چيف سيڪيورٽي آفيسر افتخار رسول گھمن جي گرفتاري تي ايف آءِ اي جاچ دوران اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. ايف آءِ اي جي رپورٽ موجب عمران خان جو چيف سڪيورٽي آفيسر افتخار رسول گهمن سندس ٻن ساٿين عاصم حسين ۽ قيصر مشتاق سميت مني لانڊرنگ ۾ ملوث هئا. رپورٽ موجب 2020ع کان 2022ع تائين پرڏيهه مان جوابدارن جي اڪائونٽن ۾ 34 ڪروڙ 21 لک 73 هزار 53 ڊالر جمع ڪرايا ويا، جوابدارن جي 7 اڪائونٽن ۾ جمع ڪيل نقد رقم جو انگ 22 ڪروڙ 45 لک 50 هزار ڊالر آهي، اهي رقمون پرائيويٽ بئنڪ اڪائونٽس ۾ جمع ٿيل آهن. رپورٽ موجب جوابدار افتخار رسول گھمن ٻن ساٿين سان گڏ 41 جعلي ڪمپنيون ٺاهي مني لانڊرنگ ڪندو رهيو، جوابدار 2020 کان 2022 تائين 80 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا، 5 لک ڊالر سندس ساٿي عاصم حسين جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ويا. جوابدار افتخار رسول 2012ع ۾ سنڌ بئنڪ ۾ 1 ملين ڊالر رکيا، جوابدارن ٻن عورتن رضيه سلطانه ۽ تسنيم فاطمه جي اڪائونٽس ۾ 5.5 لک ڊالر به جمع ڪرايا، اهي رقم ظاهري طور تي هنڊي ريفرنس اڪائونٽس جي سيٽلمينٽ لاءِ استعمال ڪئي وئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار افتخار رسول جي 7 ملڪيتن ۽ اثاثن جي ماليت هڪ ڪروڙ ڊالر آهي، جوابدار جي اثاثن ۾ 5.5، 10 مرلا جا پلاٽ ۽ گلبرگ ۾ 10 مرلا جو پلاٽ به شامل آهي. عدالت ملزم کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو