منظور پشتين ۽ محسن داوڙ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير جي ڪيس ۾ مفرور جوابدارن پي ٽي ايم اڳواڻ منظور پشتين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ خلاف ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.ڪراچي سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ڪامپليڪس ۾ خصوصي عدالت جي آڏو پي ٽي ايم اڳواڻ منظور پشتين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ڪيس ۾ مفرور جوابدارن منظور پشتين ۽ محسن داوڙ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتاري وارنٽ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پوليس موجب جوابدارن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير تي شاهه لطيف ٿاڻي ۾ 2018 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو