منصوبو مشڪل آهي پر 5 سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهينداسين، عمران خان

لاهور(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته 50 لک گهرن جي تعمير مشڪل منصوبو آهي پر اسان 5 سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهي ڏيکاريندا سين. اهڙو اظهارهن ريناله خورد ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪنديو ڪيو. تقريب ۾ گورنر پنجاب چوڌري سرور، وزير اعلي پنجاب عثمان بوزدار ۽ ٻين حڪومتي اهم ماڻهن شرڪت ڪئي. هن چيو ته هائوسنگ پاليسي جي ڪاميابي جو دارومدار وزير اعلي پنجاب ۽ ان جي ٽيم تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سٺو معاشرو ڪمزور طبقي جو فڪر ۽ احساس ڪندو آهي. جنهن معاشري ۾ غريبن جو احساس نه هوندو آهي اهو معاشرو ڪڏهن به ترقي نه ڪندو آهي. عمران خان چيو ته نبي پاڪ جيڪو ماڊل ڏنو ان ۾ احساس هو مديني جي رياست وٽ پئسو نه هو، جنهن رياست ۾ احساس هوندو آهي اتي الله جي مدد ملندي آهي. عمران خان چيو ته سوئيڊن، ناروي ۽ ڊنمارڪ جو نظام ڏسو ته نظر ايندو ته انهن اهو نظام شروع ڪيو جيڪو نظام اسانجي نبي پاڪ مديني ۾ شروع  ڪيو. ياد رهي ته  وزيراعظم ان کان اڳ بلوچستان به نيا پاڪستان هائوسنگ منصوبي جو افتتاح ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو