ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ146 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 146 مريض فوت ٿي وياآهن  جنهن بعد فوتين جو انگ 18 هزار جي ويجهو پهچي ويو، جڏهن ته 4 وڌيڪ هزار696 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي وياآهن سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ مجموعي ڪيسز 8 لک 25هزار519 تائين پهچي ويوآهي جڏهن ته فعال ڪيسز جو انگ 90553 ٿي ويو آهي، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن جي دوران ملڪ ۾ 3هزار344 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي ويا آهن جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 7 لک 17هزاقر009 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ 2لک83هزار560 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4هزار645 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن پنجاب ۾ مريضن جو تعداد 3لک03هزار182 آهي ۽ 8هزار500 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ڪري حياتيون وڃائي ويٺاآهن  جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 22هزار369 ۽ فوتين جو انگ 236 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 75هزار498 آهي ۽ هن وقت تائين 683 مريضن فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو