ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 142 مريض فوت ٿي ويا

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جون تباهڪاريون جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وڌيڪ 142 انسانن کان زندگيون کسي ورتيون، وبا وگهي فوتين جو انگ 17 هزار 329 ٿي ويو، اين سي او سي موجب گذريل 24ڪلاڪن دوران 43 هزار 981 ماڻهن جو ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران ڪورونا جا 4 هزار 487 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ 24 ڪلاڪن ۾ 5هزار770 مريض به صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 6 لک 99هزار818 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2لک79هزار272 ٿي ويو، جڏهن ته 4هزار605 مريض هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 2لک93هزار468 آهي، ۽ 809   ماڻهو وائرس وگهي فوت ٿي ويا جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو انگ 21هزار803 آهي ۽ 232 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ڪي پي ۾ مريضن جو انگ 1لک14هزار661 آهي جڏهن ته 3هزار156 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 73هزار804 آهي ۽ هن وقت تائين 670 مريض فوت ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو