ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري وڌيڪ 119مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا وبا سبب گزريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 119 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 18 هزار 429 ٿي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 هزار 587 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 113 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 8لک41هزار636 ٿي ويو آهي. هاڪاري ڪيسز جي شرح 9.17 سيڪڙو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 87 هزار 643، پنجاب ۾ 3 لک 10 هزار 616، خيبرپختونخواهه  ۾ هڪ لک 21 هزار 099، اسلام آباد ۾ 76 هزار 696، بلوچستان ۾ 22 هزار 776، آزاد ڪشمير ۾ 17 هزار 465 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 341 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 84 هزار 480 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 119 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 10 هزار 429 ٿي وئي آهي.اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 5 هزار 665 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 7لک38هزار727 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو