ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 27.6 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.شماريات واري اداري مهيني مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح جنوري دوران 2.9 سيڪڙو وڌي وئي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 27.6 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي.شماريات واري اداري موجب جولاءِ 2022ع کان جنوري 2023ع تائين مهانگائي جي مجموعي شرح 25.40 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته جولاءِ 2021ع کان جنوري 2022ع تائين مهانگائي جي مجموعي شرح 10.26 سيڪڙو رهي.شماريات واري اداري موجب جنوري دوران شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 2.4 سيڪڙو ۽ شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 24.4 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح جنوري دوران 3.6 سيڪڙو وڌي وئي ۽ اها شرح 32.3 سيڪڙو هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو