ايڊزجي مريضن ۾ واڌ، ايڊز ڪنٽرول پروگرام ناڪام،لاڙڪاڻوٽاپ تي

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ هڪ سال دوران ايڊز جي مريضن جو تعداد 23 هزار کان به  وڌي ويوآهي. نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام گذريل سال جاري ڪيل رپورٽ ۾ سڄي ملڪ ۾ ايڊز جي رجسٽرڊ مريضن جو  تعداد 21 هزار129 ٻڌايو ويو هو. هاڻي ملڪ ۾ ايڊز جا وڌيڪ مريض رجسٽرڊ ٿيا آهن، جنهن بعد تعداد وڌي 23 هزار 757 ٿي ويو آهي. ايچ آئي وي جي شڪار ماڻهن ۾ به اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ ايچ آئي وي وائرس جو شڪار رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 1 لک 65 هزارآهي. قومي ايڊز پروگرام جي انگن اکرن  مطابق هن وقت پاڪستان ۾ ايڊز جا 15 هزار 821 مريض مڪمل طور تي علاج ڪرائي رهيا آهن. انجيڪشن جي ذريعي منشيات استعمال ڪرڻ وارا 5 هزار 115 مريضن جو علاج به جاري آهي. ايڊز جا سڀ کان وڌيڪ مريض پنجاب صوبي ۾ آهن، ٻئي نمبر تي سنڌ صوبو آهي. جڏهن ته بلوچستان ٽئين ۽ خيبر پختونخواه چوٿين نمبر تي آهي. ايڊز جي حوالي سان سڀ کان خطرناڪ ضلعو لاڙڪاڻُو آهي، جتي صوبي جا 19 فيصد  ايڊز جا مريض آهن. گذريل مهيني 25 اپريل تي لاڙڪاڻي جي شهر رتوديرو ۾ 6 مهينن کان 8 سالن جي 15 ٻارن ۾ ايڊز وائرس ايچ آئي وي پازيٽو ٻڌائي وئي هئي. جن کي رتوديرو جي هڪ ڊاڪٽر پاران ساڳي سئي استعمال ڪرڻ سبب وائرس جو شڪار ٿيا. ان ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو ۽ چڪاس بعد پتو پيو ته ڊاڪٽر پاڻ به ايڊز جو مريض آهي. لاڙڪاڻي ۾ 2018 تائين ايڊز جي مريضن جو تعداد 2400 کان به وڌي ويوآهي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد رجسٽرڊ مريضن کان وڌيڪ آهي. واضح رهي ته هڪ مخصوص وائرس جڏهن رت ۾ داخل ٿئي ٿو ته متاثره شخص جي قوت مدافعت کي ڪمزور ڪري ٿو. هن سطح جي مريضن کي ايڇ آءِ وي پازيٽو سڏيو ويندو آهي ۽ جڏهن مرض وڪوڙي وڃي ٿو ۽ مڪمل قوت مدافعت ختم ٿئي ٿي ته ان سطح کي ايڊز سڏيو ويندو آهي. ايڊز جو مرض غير محفوظ جنسي ميلاپ، ڊاڪٽرن پاران بار بار ساڳئي سئي جي استعمال، ڏندن جي علاج ۾ استعمال ٿيڻ وارن اوزارن ۽ ٻهراڙين ۾ حجمن جي اوزارن سان وائرس ٻين ۾ منتقل ٿيندو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش ضلعي جي حجمن خلاف ڪاراوئي جو حڪم به ڏنو آهي. لاڙڪاڻي ۾ وچيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد، حيدرآباد، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان به اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ ۾ ايڊز ڪنٽرول پروگرام ڪروڙين روپين جي بجٽ هوندي به بظاهر ناڪام ثابت ٿيوآهي.

پهنجو تبصرو موڪليو