ملڪ اسد جي جان بخشي ۽ قبضه مافيا جي خوفناڪ ڪهاڻي

بشڪريه ڊان نيوز، رپورٽ نزيحه سيد علي، ترجمو عبدالقادر رانٽو

هن اسٽوري جي ڪري ڳوٺاڻا تمام گهڻو ڊنل هئا ته انهن جي سڃاڻپ ظاهر ٿي ويندي پر ڪيترن ئي هفتن جي ڪوشش کان پوءِ کين راضي ڪيو ويو ته اهي ڊان (اخبار) کي پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين بابت ڄاڻ ڏين ته ڪيئن انهن تي دٻاءِ  وڌو پيو وڃي ته هوُ ضلعي ڄامشوري ۾ پنهنجي زمين جيڪا سپر هاءِ وي کان پري تائين پکڙيل آهي، اها هائوسنگ ڪميونٽيز جي حوالي ڪن. ان لاءِ انهن تي ڪهڙو دٻاءَ آهي، اها زمين وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪهڙا طريقا استعمال ٿين ٿا ۽ مٿن ڪهڙن قسمن جا دٻاءَ پون ٿا.

ان سلسلي ۾ انور برفت چوي ٿو ته جيڪڏهن اسان جي سردار کي خبر پئي ته اسان ان حوالي سان ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ته پوليس اسان تي تشدد ڪندي ۽ لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيندي. ذڪر ڪيل شخص ڳوٺ جي رهندڙ ن جي گروپ ۾ شامل هو جيڪو صفوران ڳوٺ چورنگي جي ويجهو هڪ ريسٽورنٽ تي ڊان کي معلومات ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو هو. جيئن ته هن کان پهرين تحقيقي رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته گذريل ڪجهه سالن کان ضلعي ملير ۾ لوڪل سنڌي ۽ بلوچ برادري جا ماڻهوبحريا ٽائون ڪراچي ( بي ٽي ڪي) کي زمينون وڪرو ڪري ڏيڻ ۾ راضي نه هئا. انهن کي ٻن مختلف طريقن وسيلي تمام گهڻو پريشان ڪيو ويو ته جيئن هو زمين وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿين. هڪڙي پاسي ان وقت جي ايس ايس پي رائو انوار جي سرپرستي ۾ ملير پوليس ڳوٺن تي ڇاپا هڻندي هئي ۽ مقامي ماڻهن کي ڪوڙن دهشتگردي جي الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويندو هو، جڏهن ته ٻئي پاسي بحريا ٽائون جو آفيسر جيڪو هڪ رٽائرڊ ڪرنل به آهي اهو لڳاتار کين ڌمڪيون ڏيندو ۽ ڊيڄاريندو رهندو هو، ان کان سواءِ ڪراچي جي توحيد ڪمرشل ايريا ۾ ريئل اسٽيٽ ايجنٽس بحريا ٽائون جي ناجائز زمين جا رجسٽريشن فارم ائين ئي وڪرو ڪري رهيا هئا ڄڻ ڪو ڪيڪ هجي.

هي اسٽوري 18 اپريل 2016 تي شايع ٿيل گذريل اسٽوري جو حصو\ تسلسل آهي ته ڪهڙي نموني رياست مقامي آبادي جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي ۽ زمين تي قبضي جي قصور وارن کي سزا نه ڏيئي سگهڻ جي ڪري حڪومتي نظام وڌيڪ کوکلو ٿي ويو.

ڊان جي تحقيق ۾معلوم ٿيو آهي ته بحريا ٽائون پاران ، سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي کاتن جي ملي  ڀڳت سان ضلعي ملير سان لڳولڳ ضلعي ڄامشوري جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. حالانڪ اهو ڪم پهرئين طريقي کان وڌيڪ اڻ سڌي طريقي سان جاري آهي. هن دفعي زمين تي قبضا ڪرڻ وارن ۽ پوليس جي ڪارين رڍن جي پراڻن ڪردارن جي بدران بيرحم جاگيردار ۽ انهن جا خيرخواهه اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ هي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل ٿي سگهي ٿو.

ڊان جي ان پهرين اسٽوري  جي تياري دوران سيٽلائيٽ تصويرون، سرزمين جا دورا ۽ مقامي ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته بحريا ٽائون ڪراچي، شهر جي گرين بيلٽ (سرسبز ايراضي) ضلعي ملير ۾ 23300 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي قائم ٿي رهيو آهي. ان کان پوءِ 4 مئي 2018 تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پنهنجي اڪثريتي فيصلي ۾ بحريا ٽائون کي پنهنجي ڪراچي جي هائوسنگ منصوبي لاءِ ملير ۾ هزارين ايڪڙ زمين غيرقانوني طور قبضا ڪرڻ ۾ ملوث ڄاڻايو هو. اعلى عدالت ان قبضي کي رد ڪندي بورڊ آف روينيو سنڌ (بي او آر) ۽ ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) تي ان اسڪينڊل ۾ ڪردار تي سخت تنقيد ڪئي هئي تنهن هوندي به عدالت زمين جي چوري جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٽئين فريق جي حقن/فائدن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه هدايتون جاري ڪيون هيون ۽ عدالتي فيصلي تي جيئن جو تيئن عمل ڪرائڻ لاءِ هڪ 3 رڪني بينچ به ٺاهي هئي. گهڻا ماڻهون، بحريا ٽائون بابت قائم ڪيل عملدرآمد بينچ جي هلندڙ سال 21 مارچ واري فيصلي تي غور ڪن ٿا ته کين لڳي ٿو ته اصل فيصلي جا ڪجهه اهم پاسا غير واضح آهن. يقين آهي ته سپريم ڪورٽ جي بينچ ڪڏهن به بحريا ٽائون کي پنهنجو هائوسنگ منصوبو وڌيڪ وڌائڻ جي اجازت نه ڏني آهي. درحقيقت 21 مارچ جي فيصلي ۾ واضع طور تي لکيو ويو آهي ته بي ٽي ايل ڪي (بحريا ٽائون ليميٽيڊ ڪراچي) وٽ 16896 ايڪڙ کان سواءِ حڪومت سنڌ جي ملڪيت جي وڌيڪ ڪنهن ايراضي جي حق، ٽائيٽل، مفاد يا قبضي جو اختيار نه آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ ملير ڊويلپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ان حد کان اڳئين  حصي ۽ ڪنهن اضافي ايراضي تي بحريا ٽائون لميٽيڊ ڪراچي کي قبضي جي اجازت نه هوندي جڏهن ته ڪنهن به خلاف ورزي جي صورت ۾ حڪومت سنڌ، ايم ڊي اي ۽ بحريا ٽائون جي انتظاميه يا ڪوئي به ذميوار ملوث ثابت ٿيو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي مارچ ۾ ضلعي ملير ۾ ايراضي جي مٽا سٽا ۽ حقن بابت فيصلو ڏيئي ڇڏيو هو، ان هوندي به اعليٰ عدالت جي فيصلي جي ابتڙ ضلعي ڄامشوري ۾ بحريا ٽائون جي زمين جي واڌاري جا چٽا اهڃاڻ نظر اچن ٿا، جيتوڻيڪ جنهن طرح ان زمين کي وڌائڻ لاءِ ايراضي حاصل ڪئي پئي وڃي اها هاڻي تائين هڪ ڳجهارت بڻيل آهي جنوري 2019 کان جولاءِ 2019 جون سيٽلائٽ تصويرون نه رڳو اهو ظاهر ٿيون ڪن ته بحريا ٽائون ڪراچي جي تعمير جون حدون ديهه مول تعلقو ٿاڻو بولا خان، ضلعي ڄامشوري جي اندر تائين وڌايون ويون آهن پر اتي تعميراتي ڪم به هلندڙ آهي تنهڪري بحريا ٽائون جو ڄامشوري ۾ زمين حاصل ڪرڻ واري موضوع تي وڌيڪ گهري تحقيق جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ به ڄامشوري ۾ قبضه مافيه ۽ سنڌ حڪومت پاران غير قانوني ڪمن جا سنگين نوعيت جا ثبوت موجود آهن جيڪي هن اسٽوري جي ٻي حصي ۾ سامهون آندا ويندا.

ڪوهستان جو بادشاهه

ملير سان گڏوگڏ ضلعي ڄامشوري ۾ زندگي جو هر شعبو رجعت پسنداڻي، جاگيرداراڻي نظام جي تابع آهي، ان علائقي کي مقامي زبان ۾ ڪوهستان چيو وڃي ٿو (جيڪو ڄامشوري، حيدرآباد سان گڏوگڏ ڪراچي جي ضلعي ملير ۽ ڪجهه اولهندين ضلعن تي مشتمل آهي) ڄامشوري سان واسطو رکڻ واري پ پ پ جي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سردار ملڪ اسد سڪندر سنڌ جي بااثر ترين وڏيرن/سردارن مان هڪ آهي، هو برفت قبيلي جو سربراهه آهي، جنهن ۾ سئو جي لڳ ڀڳ ٻيا ننڍا قبيلا به شامل آهن، هي ڪوهستان جي چئن قبيلن ۾ سڀ کان وڏو آهي هر قبيلي جو پنهنجو جدا سردار آهي پر ملڪ اسد سردارن جو سردار آهي ان سبب جي ڪري ان کي ڪوهستان جو بادشاهه چيو وڃي ٿو.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تمام گهڻي زمين جي ملڪيت سان گڏ ملڪ اسد جو مبينا طور سپر هاءِ وي تي قائم ڪيل ڪيترين ئي هائوسنگ سوسائٽين ۾ حصو آهي ۽ ڪوهستان ۾ ڪاروبار ۽ صنعتي سرگرمين مان به کيس سڌي طرح روينيو جو حصو ملي ٿو. ملڪ اسد جي سرداري واري علائقي ۾ هندن جو به هڪ وڏو تعداد موجود آهي جن مان ڪيترا چانورن ڪپهه جي فيڪٽرين جا، جڏهن ته ڪيترا شراب جي گُتن جا مالڪ آهن، هڪ مقامي صحافي جي چوڻ مطابق انهن جا ملڪ اسد سان تمام سٺا تعلقات ۽ دوستيون آهن ۽ اهي هندو شاهوڪار هر وقت ملڪ اسد لاء حاضر هجن ٿا. 

ان کان سواءِ ملڪ اسد عرب جي شاهي خاندانن ۽ پاڪستان جي اشرافيه سان تعلق رکندڙ بااثر ماڻهن لاءِ شڪار جو انتظام ڪري پنهنجي انهن تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. جن ۾ هڪ رٽائرڊ جج به شامل آهي. ملڪ اسد جا پنهنجا ماڻهو جن ۾ گيم وارڊنز ۽ سنڌ جي جنگلي جيوت جي کاتي جا آفيسر به شامل آهن. جيڪي شڪار لاءِ سيڪيورٽي ۽ سهولتون فراهم ڪن ٿا. اها ڪا معمولي راند ناهي ڇاڪاڻ ته عرب، سنڌي جابلو ٻڪرن ۽ ختم ٿيڻ جي خطري جو شڪار تلور جو شڪار به ڪن ٿا. جنگلي جيوت جي کاتي ۾ 13 سال نوڪري ڪرڻ واري هڪ مقامي ماڻهو جو چوڻ هو ته ڪوهستان ۾ ڪير به سردار جي مرضي کان سواءِ شڪار نٿو ڪري سگهي.

ان جو چوڻ هو ته عربن جي شڪار جون دعوتون تمام وڏيون ٿينديون آهن. جن ۾ هر دعوت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 ماڻهو شامل ٿين ٿا ۽ کلندي هن وڌيڪ چيو ته انهن دعوتن ۾ ”انهن کي هر قسم جي شئي ڏني ويندي آهي.“

ملڪ اسد کان هيٺ به وڏيرا آهن جيڪي ننڍن قبيلن جا سربراهه آهن. جڏهن ته انهن کان هيٺ به ننڍا وڏيرا هوندا آهن جن کي ڪمدار چيو وڃي ٿو ۽ هر ڳوٺ ۾ هڪ ڪمدار هوندو آهي جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ان طبقاتي نظام کي چيلينج ڪري ٿو ته ان سان انتهائي خراب حشر ڪيو ويندو آهي. ڳوٺ جي سطح تي ڪمدار سردار جي اک ۽ ڪن جو ڪم ڪندو آهي ۽ سردارن جي حڪم جي تعميل کي يقيني بنائيندو آهي. هي هڪڙي قسم جو مائيٽاڻو ڌنڌو آهي جيڪو اهڙن ماڻهن جي ابن ڏاڏن به ڪيو. چهري جي اڻ وڻندڙ تاثرن سان هڪ نوجوان هاري ٻڌايو ته ڦر لٽ جي هن نظام ۾ پوليس تمام  اهم ڪردار ادا ڪري ٿي صرف ايس ايڇ او نه بلڪه ڊي ايس پي جهڙا آفيسر به سردار جي موجودگي ۾ ان جي سامهو هٿ ٻڌيو بيٺا هوندا آهن. جنهن شخص کان ڪمدار يا مقامي وڏيرو ناراض ٿي وڃي ان کي چوري ۽ منشيات رکڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ کيس لاڪپ ۾ يا جيل موڪليو وڃي ٿو. ڇا توهان اهو تصور ڪري سگهو ٿا ته 100 ڪلوميٽر پري ڪوٽڙي وڃي ان شخص جي ضمانت ڪرائڻ ان جي مائيٽن عزيزن جي لاءِ ڪيترو نه مشڪل ۽ اذيت ناڪ ٿي سگهي ٿو.

هڪ ڳوٺاڻي هڪڙو واقعو ٻڌايو ته 2 سال پهرين ديهه ريڪ جي هڪ آبادگار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان جي هارپ واري زمين جي هيٺان موجود معدنيات تي ان جو حق آهي (هي علائقو معدنيات جي حوالي سان مشهور آهي) ته ان جي گاڏي کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ۽ ان کي پوليس اسٽيشن ۾ بند ڪيو ويو پوليس ان جي گرفتاري بلوچستان مان ظاهر ڪئي ان تي ڌريجي کان غير قانوني هٿيار آڻڻ جو الزام لڳايو ويو جنهن جي ڪري هو ضمانت کان پهرين ڪيترا مهينا گڏاڻي جي جيل ۾ پيو رهيو. ان بات  ملڪ اسد ان الزام کي رد ڪندي چيو ته“ اسين هتي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ موجود آهيون ۽ ڪنهن سان ڪا زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين.”

ڄامشوري ۾ ڪجهه عرصو ڊيوٽي ڪندڙ هڪ پوليس آفيسر موجب“ عام طرح پوليس آفيسر پنهنجي پوسٽنگ دوران ان (ملڪ اسد) سان ملاقات ڪن ٿا. پر آئون ڪڏهن ان سان ملڻ ان جي گهر نه ويس. (ان سبب جي ڪري) هن سينيئر سياسي اڳواڻن سان منهنجي شڪايت به ڪئي”.

ايڏي طاقت جي باوجود ان قبيلائي سردارن جي زبردست طاقت جون  به حدون آهن. اها ڳالهه تڏهن سامهون آئي جڏهن ڪجهه سال پهرين بحريا ٽائون ڄامشورو ۾ زمين حاصل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو (سپريم ڪورٽ جي عملدرآمد بينچ جي ٻڌڻي ۾ اها ڳالهه سامهو آئي هئي ته بحريا ٽائون اڳ ۾ ئي ضلعي ۾ ڪيترا ئي ايڪڙ زمين حاصل ڪري چڪو هو) بحريا طرفان ڊان کي ٻڌايو ويو هو ته پروجيڪٽ جي لاءِ ڄامشورو ۾ حاصل ڪيل ايراضي جا تفصيل سپريم ڪورٽ کي ٻڌايا ويا هئا، پر ان کان سواءِ ڊان جي طرفان پڇيل ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏنو ويو.

ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ملڪ اسد، شروع ۾ بحريا ٽائون جي مطالبي تي عمل ڪرڻ لاءِ راضي نه هو جڏهن ته ٻين ڪجهه ماڻهن جو الزام آهي ته زمين جي مٽا سٽا لاءِ ملڪ اسد بحريا ٽائون ڪراچي جي مبينا ڀائيوار سنڌ حڪومت جي سياسي اڳواڻن سان وڏو سودو ڪرڻ چاهيو ٿي. ڪهڙو به معاملو هجي پر ان کي جلدي اندازو ٿي ويو ته راند جا اصول ڪٿي ٻئي هنڌ ترتيب ڏنا پيا وڃن. جنهن سبب ملڪ اسد ۽ پ پ پ جي شريڪ چئرمين آصف علي زرداري جي وچ ۾ اختلاف 2017 ۾ سامهون آيا چيو وڃي ٿو ته ملڪ اسد ڄامشوري جي ديهه مولي جي اندازن 5 هزار ايڪڙ زمين جي ڪجهه قيمت گهري هئي جيڪا آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي ۽ بحريا ٽائون جو مالڪ ملڪ رياض ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، هڪ مقامي ٺيڪيدار جي چوڻ مطابق ملڪ رياض زرداري سان شڪايت ڪئي ته هي ماڻهو هر وقت مونکي تڪليف ڏيندو رهي ٿو. جنهن تي وڏو سائين سردار تي غضبناڪ حد تائين ڪاوڙجي پيو.

( جعلي اڪائونٽ ڪيس جي جانچ ڪرڻ واري جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ هڪ پيرا موجود آهي ته بحريا ٽائون ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي چشم پوشي سان سرڪاري ۽ ان سان گڏ موجود خانگي زمين جي تمام وڏي ايراضي حاصل ڪئي جنهن لاءِ 10 ارب 20 ڪروڙ جي رشوت مان 8 ڪروڙ 30 لک روپين جي ادائگي بحريا ٽائون آصف جي ڀروسي جهڙي ساٿي مشتاق احمد (مهر) جي گڏيل اڪائونٽ وسيلي ڪئي).

سنڌ حڪومت جي ذريعن مطابق هڪ ايس ايس پي کي خاص طرح ڄامشوري ۾ ملڪ رياض جي چوڻ تي ملڪ اسد تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو اوچتو ملڪ اسد کي خبر پئي ته لوڻي ڪوٽ ۾ ان جا ريتي جا دڪا بند ٿي ويا آهن. ان کان سواءِ ڪوٽڙي ۾ تمام گهڻو فائدو ڏيندڙ ڪاروبارن کي ختم ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي تعميرات جي شعبي سان لاڳاپيل ملڪ اسد جي ڪجهه دوستن مسئلن ارناب سومري جولاءِ جي آخر ۾ ڏٺو ته سپر هاءِ وي سان گڏ قائم هن جي هائوسنگ سوسائيٽي جهڙوڪ ايجوڪيٽرز ويلي، ايجوڪيشن سٽي ۽ ڄامشورو سٽي جي تعميرات کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عارضي طرح ڊاهي ڇڏيو ڇو ته هي ملڪ اسد جي جاگير سمجهي ويندڙ زمين تي قائم ٿيل هيون تنهن ڪري چيو وڃي ٿو ته اهو به ان ڪاروبار ۽ سوسائيٽيز ۾ حصيدار هو ان سلسلي ۾ ارناب سومري جي طرفان داخل ڪيس ضلعي عدالت ۾ هلندڙ آهي.

ان کان به  اهم اهو ته پ پ پ جي اعلى قيادت ملڪ اسد جي سئوٽ / ماروٽ ۽ ان جي سياسي مخالف ملڪ چنگيز کي نياپا موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيا جيتوڻيڪ ملڪ چنگيز جو تعلق مسلم ليگ ن سان هو جڏهن ته ملڪ اسد ان وقت ڄامشوري مان  پ پ پ جو ايم اين اي هو. ان حوالي سان ملير جي هڪ سياسي ڪارڪن ٻڌايو ته تمام گهڻن ذريعن جي چوڻ مطابق ملڪ اسد کي سڄي صورتحال سمجهڻ ۾ گهڻو وقت ڪونه لڳو ۽ “هو دبئي ۾ وڃي آصف زرداري جي پيرن ۾ ڪريو پر ان جي باوجود اڄ به پيپلز پارٽي ملڪ اسد کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ملڪ چنگيز کي ان جي سر تي تلوار وانگر لٽڪائي رکيو آهي جڏهن زرداري ڪنهن کان ناراض ٿي وڃي ته هو ڪنهن کي معاف نٿو ڪري ڪيترائي ٽپي آيا ۽ ويا.” بهرحال آصف زرداري ۽ ملڪ اسد جي تعلقاتن ۾ ڇڪتاڻ هاڻي صاف ظاهر آهي ان حوالي سان حيدرآباد جي هڪ صحافي جو چوڻ هو ته“ زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري کان پوءِ ڪوٽڙي ۾ ڪوبه احتجاج نه ٿيو صرف چند ماڻهو روڊن تي نڪتا حالانڪ عام حالتن ۾ اتي ماڻهو وڏي تعداد ۾ ٻاهر اچن ٿا. ”

خدارا اسان جي مدد ڪريو

ٻئي پاسي اهي ڳوٺاڻا جن جي روزگار جو دارومدار ان علائقي ۾ برسات جي پاڻي تي ٿيندڙ زراعت، پولٽري فارم يا لائيو اسٽاڪ تي آهي انهن کي انتهائي غربت ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. هڪ مقامي ماڻهو بيوسي مان چيو اسين چاهيون ٿا ته اسان جون زمينون ريگيولر ڪيون وڃن ته جيئن انهن تي ٻيا ماڻهو قبضو نه ڪري سگهن مگر سردار اسان کي ايئن ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ هو چوي ٿو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته منهنجو انجام به ذوالفقار مرزا جهڙو ٿئي؟ هاڻي جڏهن اسان جو پنهنجو سردار ئي اسان جي مدد نٿو ڪري ته ان کان وڌيڪ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. انهن جي محرومين جي پسمنظر ۾ پريان کان ئي بحريا جو ٺاهيل آئيفل ٽاور جهڙو نمونو بيٺل نظر اچي ٿو. جڏهن ڊان ملڪ اسد سان رابطو ڪيو ته ان ٻڌايو ته“ ڪنهن قسم جو ڪو قبضو نه ٿي رهيو آهي. هو چوي ٿو گذريل هڪ سال کان اهڙي ڪابه سرگرمي نه ٿي آهي ذرڙي جيتري به نه”. جڏهن ته قبضا مافيا جو هن دفعي ڏوهه ڪرڻ جو طريقو اڳي کان بلڪل گهڻو اڻ لکو آهي ۽ ان ۾ وڪڻڻ وارن ۽ حقيقي فائدو وٺڻ وارن جي وچ ۾ تمام گهڻن ايجنٽن جي مداخلت شامل آهي.

مقامي انتظاميه ۽ روينيو آفيسر پنهنجي ملي ڀڳت سان اها نشاندهي ڪن ٿا ته ڪهڙي زمين تي قبضو ڪري سگهجي ٿو قبضا اڪثر انهن علائقن۾ ڪيا وڃن ٿا جتي سرڪاري زمينون ۽ موروثي زمين جا ڪجهه ٽڪرا موجود هجن. پوءِ ان ملي ڀڳت تحت زمينن جي رڪارڊ ۾ هير ڦير ڪئي وڃي ٿي، ماڻهن کي هيسايو ڊيڄاريو وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪمدار ڳوٺاڻن جي زمين تي قابض ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته دلال ڪوڙا ڪاغذ تيار ڪن ٿا ان کان پوءِ اها زمين ان اعلائقي ۾ وڏن وڏن هائوسنگ منصوبن جي نمائندن سان وڪرو ڪئي وڃي ٿي. ملڪ اسد جي ويجهي مائٽ ۽ وڏي زميندار ملڪ نادر بحريا ٽائون سان تعلق رکندڙ زين ملڪ ۽ ملڪ اختر جو نالو ورتو ۽ ان ڊان کي آن دي رڪارڊ ٻڌايو ته“ هي ٻه ماڻهو ديهه سري (جيڪا ڄامشوري ۾ آھي) ۽ ديهه مول ۾ زمينون ۽ ڪاغذ خريد ڪري رھيا آھن ۽ ان حوالي سان ڊي سي ڄامشورو انھن جي مدد ڪري رھيو آھي، اھي ماڻھو بحريا ٽائون کي وسيع بنائڻ جي لاءِ زمينون خريد ڪري رھيا آھن جنهن علائقي ۾ هو زمينون خريد ڪري رهيا آهن ان علائقي ۾ زمينن جي وٺڻ ۽ وڪرو ڪرڻ تي پابندي آھي ان جي باوجود اھي ماڻھو غير قانوني طرح اھو ڌنڌو ڪري رھيا آھن.”

ملڪ نادر ڊان کي گذريل سال نيب کي لکيل ھڪ خط ڏيکاريو جنھن ۾ ان نيب کان فريال ٽالپر، مختيارڪار ٿاڻو بولا خان منصور ڪلھوڙو ۽ ملڪ چنگيز خان سميت ٻين ماڻھن طرفان کنيل غيرقانوني قدمن تي تحقيقات جي درخواست ڪيل ھئي، خط ۾ لکيل ھو ته“ ذڪر ڪيل ماڻھن پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري حقن جي ننڍن رڪارڊن، وڪري جي نقلي سرٽيفڪيٽن جي جاري ڪرڻ ذريعي ۽ مٿي ڄاڻايل ديھن (ڄامشوري ۾ ببر بند، هٿل بٿا، ڪلوکوھر ۽ مول) جي ڏھ ھزار ايڪڙ زمين جي نقلي داخلا جي  صورت ۾ تمام وڏي ڪرپشن ڪئي آھي”، ھُن ويجهڙ ۾ ڊان کي اھو اطلاع ڏنو ته“ اھي ماڻھو ديهه مول ۾ پنھنجو حدف حاصل ڪري چڪا آھن جتي انھن ڏھ ھزار ايڪڙ زمين خريد ڪئي  آھي ۽ اتي ھاڻي وڌيڪ زمينون خريد نٿيون ڪيون وڃن.” ھن علائقي ۾ تمام گهڻا ڪمدار آھن تنھن ھوندي به ڳوٺاڻ سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ ڪجهه اھڙا نالا ٻڌايا ويا جيڪي زمين تي قبضي ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي سرگرم آھن، اھڙو ئي ھڪ ماڻھو گڏاپ ۾ رھي ٿو جنھن کي ڳوٺ وارا ( قبضاگير ٽولي جو سربراھ) چون ٿا انهن سڀني ڪمدارن قبضي مافيا جي لاءِ سڀ کان گهٽ درجي جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي ۽ علائقي ۾ ٻين ڏوھاري سرگرمين ذريعي بي انداز دولت گڏ ڪئي آھي انهن جي ڏوھن جي سرگرمين جا تفصيل توھان ھن رپورٽ جي ٻي حصي ۾ پڙھي سگهندا.

انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ھڪ رضاڪار موجب وڏن زميندارن کان سواءِ ھتي ڪير به پنھنجون زمينون پنھنجي رضامندي سان  وڪڻڻ نٿو چاھي ، ھو چون ٿا ته اسان کي زراعت ۽ جانور پالڻ سان لاڳاپيل ڪمن کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، انهن جون زمينون وڪرو ٿي ويون ته پوءِ اھي ماڻھو آخر ڪيڏانھن ويندا؟ وڏا زميندار به گهڻو ڪري پنھنجون زمينون وڪڻڻ نٿا چاھين جڏھن موسيٰ شوري جي ڳوٺ، پني لڌي شوري ۽ ٻين ڳوٺاڻن جو وڏيرو ھڪڙي ٻي وڌيڪ اثر رکندڙ قبيلائي سردار وٽ پنھنجي اھا ڏکيائي ٻڌائڻ لاءِ پاڻ ھلي ويو ته ان کي اتان ڀڄائي ڇڏيو ويو، ضلعي ڄامشوري جي ڪيترن ڳوٺاڻن انڪشاف ڪيو ته انھن کي ستر ھزار رپيا  في ايڪڙ زمين وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻ به مجبور ڪيو پيو وڃي ( 2017 ۾ تيسر ٽائون ۾ 120 گزن جو پلاٽ ھڪ لک ويھ ھزار روپين جو ھو اڄ به جيڪڏھن ان قيمت تي زمين جو وڪرو ڪيو وڃي  ته ان علائقي ۾ ھڪ ايڪڙ جي قيمت 40 لک رپيا ٺھي ٿي) ڳوٺاڻن طرفان وڪرو ڪيل زمين بعد ۾ مقامي دلالن کان علائقي جي وڏن وڏن بلڊرن جي نمائندگي ڪرڻ وارا ماڻھو ويهه 20 لک يعني 2 ھزار757 سيڪڙو اضافي قيمت ۾ وٺن ٿا، ھڪڙي مقامي دلال ڊان سان انھن قيمتن جي تصديق ڪئي، ڪيترن موقعن تي ته زمين جي مالڪن سان واعدي مطابق طئه ڪيل اها ننڍڙي رقم به پوري نٿي ڏني وڃي، ھڪ ايڪڙ چار ھزار اٺ سئو چاليهه هم چورس گزن تي مشتمل ھوندو آھي، ته ويهه لک رپين جي قيمت کي سامھون رکيو وڃي ته ان جو مطلب ھي آھي ته ھڪ ھزار هم چورس گز جي قيمت تقريبا چار لک ٺھي ٿي ان وڏي رقم کي ڪيئن وڌيڪ وڌايو وڃي ٿو جنھن جو مثال بحريا ٽائون جي اسپورٽس سٽي جيڪا ھن وقت ملير جي ديهه ٻولاڙي جي ان سرحد تائين وڌي چڪو آھي جتان کان ضلعي ڄامشوري جي ديهه مول شروع ٿئي ٿي، جتي ھڪ ھزار هم چورس گز پلاٽ جي  قيمت 2016 ۾ پُکن ڪڍڻ وقت 92 لک رپين کان وڌيڪ ھئي يعني ھڪ کان ٻه ھزار 200 سئو في سيڪڙو وڌيڪ.

مقامي ماڻھن موجب انھن کان ورتل زمين کي انھن پھرين کان ٺھيل رھائشي منصوبن جي ويجهن حصن ڏانھن منتقل ڪيو پيو وڃي ته جيئن انھن منصوبن ۾ واڌ ويجهه ڪري سگهجي. ان علائقي سان تعلق رکڻ واري اعليٰ تعليم سان لاڳاپيل استاد ٻڌايو ته“ هن دفعي تعميرات ڪندڙ ايراضي جي سرزمين بدلائڻ جي عمل جي غلطي نٿا ڪرڻ چاهين ڇاڪاڻ ته ان  عمل جي ڪري  هن کان پهرين بحريا ٽائون جو سچ بُري طرح سان ماڻهن جي سامهون اچي ويو” ان هوندي به جڏهن ڄامشوري جي ڊي سي رٽائرڊ ڪئپٽن فريدالدين مصطفيٰ سان رابطو ڪيو ويو ته ان چيو ته“ ڪجهه ماڻهو ذاتي حيثيت ۾ ته زمين جي ڏيتي ليتي ڪري رهيا آهن باقي ويجھن ڏينهن ۾ ڪنهن به قسم جي زمينن جي منتقلي نه ٿي آهي”. ساجد شوري نالي مقامي بروڪر کي چڱي طرح خبر آهي ته هتي ڪهڙا  ڪهڙا طريقا استعمال ٿي رهيا آهن هو ٻڌائي ٿو ته ديهه مول جي گھڻي زمين سروي ٿيل ناهي، سروي نمبر وڌ ۾ وڌ ٻن ايڪڙن تي مشتمل ننڍن علائقن تي ٻڌل هوندا آهن، اهي کاتا ( کاتو درحقيقت زمين جي مالڪ جو سرڪاري ثبوت آهي ته فلاڻي کاتيدار جي هيتري زمين سرڪاري رڪارڊ ۾ داخل آهي) وٺي انهن کي سرڪاري زمين جي آس پاس موجود زمينن جي ايراضي ويجھو نقشي مطابق ظاهر ڪندا آهن، مثال طور جيڪڏهن هو ڏهه ايڪڙن جو کاتو وٺن ٿا ته ان کي رڪارڊ ۾ سئو100 ايڪڙ ڄاڻائي ڇڏيندا آهي ۽ ان جو نقشو بحريا ٽائون جي ويجهو زمين ڏانهن بدلائي ڇڏيندا آهن پوءِ هو ڪنڌ جھڪائيندي چوي ٿو ته“ ديهه مول جا سمورا کاتا هڪ ئي ڪنڊ ۾ ڄاڻائي ڇڏجن ته ڪئين رهندو؟ ڄامشوري جي مقامي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ مختصرن اهو چئي سگھجي ٿو ته خانگي طرح ، غيرقانوني کاتن بدلائڻ وسيلي سرڪاري زمين تي غير قانوني قبضا ڪيا پيا وڃن ٻئي پاسي حڪومت سنڌ جو لينڊ روينيومينيجمينٽ انفارميشن سسٽم جنهن جي لاءِ دُهل وڄائي هوڪا ڏنا ويا هئا، ان ۾ ڊجيٽلائيز زميني رڪارڊ ڪيترن ئي مهينن کان وٺي پُراسرار طريقي سان  عام ماڻهن جي رسائي لاءِ موجود  ناهي اها رڪارڊ جي غير موجودگي ماڻهن جي مٿين دعوائن کي هٿي ڏي ٿي ۽ خود تحقيق جي گھر به ڪري ٿي”.

نيب تحقيقات

هاڻي ڳالهه ڪنداسين هن علائقي ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ مشهور قبضي جي، سالن تائين بحريا ٽائون جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ نيب نٽائيندي رهي 2016 ۾ اداري جي هڪ ذريعي ڊان کي ٻڌايو“ توهان کي اندازو ئي ناهي ته ان معاملي تي ڪو تدارڪ نه ڪرڻ لاءِ ڪيتري حد تائين اسان تي دٻاءُ آهي ان هوندي سپريم ڪورٽ جي 3 رُڪني بئنچ ڪرپشن جي خاتمي جي نظرداري ڪندڙ اداري کي بحريا ٽائون سان واسطيدار غير قانوني ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن خلاف  تحقيقات ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي”. 4 مئي 2018 جي ٻڌايل فيصلي تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي قائم ڪيل بئنچ ۾ ٻڌڻي دوران نيب عدالت عظميٰ ۾ ڪيتريون خفيا اڳڀرائيءَ جون رپورٽون جمع ڪرايون انهن رپورٽن جا تفصيل حيران ڪندڙ آهن، انهن ۾ بحريا ٽائون جي سرگرمين کي ظاهر ڪندڙ ان اداري جي ڪوششن ۾ جن جن نافرمانين جا مظاهرا ڪيا ويا ان جي حقيقت به اُجاگر ٿئي ٿي ، نيب ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر  ۽ جانچ آفيسر جي صحيح سان 19 نومبر 2018 تي جاري ڪيل نيب جي ٻئي رپورٽ جنهن جو هڪ نقل ڊان وٽ موجود آهي ان جا ڪجهه ٽڪرا هيٺ پيش ڪجن ٿا: هي به اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته سي اي او CEO علي احمد، رياض ملڪ ۽ BTPL (بي ٽي پي ايل) جي ذڪر ڪيل پنجن نمائندن (وسيم رفعت، وقاص رفعت، شاهد محمود، محمد اويس ۽ فيصل سرور) کي ڪيترا دفعا پيشي جا نوٽيس موڪليا ويا پر ان جي باوجود هو هڪ دفعو به تحقيقات ۾ شامل نه ٿيا، تازو جڏهن ذڪر ڪيل پنجن نمائندن جي ايڊريسن تي پيشي جا نوٽيس موڪليا ويا ته اهي اتي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي واپس اچي ويا. سپريم ڪورٽ جي طرفان 21 مارچ 2019 تي ٻڌايل فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ٺاهيل بينچ بحريه ٽائون جي طرفان زمين کي قانوني دائري ۾ آڻڻ جي بدران 7 سالن ۾ 460 ارب روپيا پيش ڪرڻ جي ڪيل پيش ڪش قبول ڪئي وئي، عملدرآمد جي بينچ جي حڪم جو سمجهه ۾ نه ايندڙ پاسو ان جي طرفان نيب کي بحريا ٽائون جي خلاف في الحال ڪنهن به قسم جو ريفرنس داخل نه ڪرڻ جي هدايت جو آهي جنهن ۾ چيل آهي ته ان وقت تائين اهڙو ڪو به قدم نه کنيو وڃي جيستائين رقم جي ادائيگي ۾ ڪا ڪمي پيشي نه ڪئي وئي هجي يا طئي ٿيل شرطن ۽ ضابطن جي انحرافي نه ڪئي وئي هجي، اها ڳالهه 4 مئي 2018 جي ان فيصلي جي ابتڙ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ طرفان نيب کي حڪم ڏنو ويو هو ته هوءَ 3 مهينن جي اندر پنهنجو تحقيقاتي عمل پورو ڪري ۽ سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جي ڏوهه ۾ شامل سڀني ماڻهن جي خلاف احتساب عدالت ۾ قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪري. نيب ۾ موجود ذريعن موجب ڪيس نمبر NABK2016010138803 جي تحقيقات ڪئي وئي هئي جنهن ۾ خانگي منصوبي جي تعمير جي مقصد لاءِ ضلعي ملير جي ڪيترين ئي ديهن جي هزارين ايڪڙن تي مشتمل ايراضي جي غيرقانوني ايڊجيسٽمينٽ/مٽاسٽا/شاملات ايراضي جي عمل ۾ شامل 34 ڏوهارين جا نالا لکيل آهن، انهن نالن ۾ ملڪ رياض، ان جو پٽ احمد علي رياض، ناٺي زين ملڪ، زال بينا رياض، اڳوڻو وزير اعلى سنڌ قائم علي شاهه ۽ اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جا نالا شامل هئا. ان کان سواءِ 23 نالن ۾ بورڊ آف روينيو سنڌ،سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) سان تعلق رکندڙ سرڪاري آفيسرن جا نالا شامل آهن، گڏوگڏ اڳوڻي ڊي سي ملير قاضي جان محمد، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايم ڊي اي محمد سهيل ۽ 6 رٽائرڊ ايس بي سي اي، جي ڊي جيز جا نالا به شامل هئا. ڏوهاري ڄاڻايل ماڻهن جي لسٽ ۾ هڪڙو نالو بدنام زمانه ماڻهوءَ منظور ڪاڪا جو به شامل هو، جيڪو تمام گهڻو اڳ ئي ڪينيڊا ڀڄي ويو هو، مقامي حڪومت جو اڳوڻو سيڪريٽري جاويد  حنيف جيڪو هن وقت هڪ ٻئي غير واسطيدار الزام ۾ جيل ۾ آهي، ان جو نالو به ان لسٽ ۾ شامل آهي. جڏهن ته 5 نالا بحريا ٽائون جي مٿي ذڪر ڪيل نمائندن جا ٻڌايا وڃن ٿا. نيب جي طرفان اڳوڻي وزير اعلى سنڌ قائم علي شاهه جي حوالي سان پيش ڪيل رپورٽ مطابق آر بي ايم جي معاملي ۾ اڳوڻي وزير اعلى سنڌ قائم علي شاهه جي ڪردار بابت ٿيل تحقيقات جي دوران ان خلاف حاصل ثبوتن جي روشني ۾ اهو فيصلو ٿيو ته قائم علي شاهه جي خلاف ثبوت ۽ شاهديون ايتريون مڪمل آهن جن جي بنياد تي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

ٻئي پاسي ملير ۾ جنهن هنڌ “بي ٽي ڪي” BTK جي اچڻ جي اميد آهي اتي زمين جي حيثيت متعلق هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي آهي. سپريم ڪورٽ طرفان 4 مئي 2018 تي ٻڌايل پنهنجي فيصلي ۾ اهو حڪم ڏنو ويو هو ته حڪومت جي زمين واپس حڪومت کي ڏني وڃي ۽ سرڪاري زمين جي بدلي ۾ ڏنل بحريا ٽائون جي زمين بحريا ٽائون کي واپس ڏني وڃي. بورڊ آف روينيو (بي او آر) بحريا ٽائون کي سرڪاري زمين جي گڏايل ايراضي جي 1912 جي ضابطن جي تحت نئين سر ايراضي الاٽ ڪري سگهي ٿو. (هتي عدالت جي مراد بحريا ٽائون پاران ملير جي انهن ڏوراهن علائقن ۾ ايراضي جي جدا جدا ٽڪرن جي مبينا طور تي غيرقانوني خريداري متعلق هئي جتي زمين جي قيمت ايتري گهٽ آهي جو توهان 20 هزار روپين ۾ هڪ ايڪڙ خريد ڪري سگهو ٿا. جنهن کان پوءِ ايم ڊي اي بحريا ٽائون کي فائدو پهچائڻ خاطر غيرقانوني طريقن سان ان زمين جي ٽڪرن جي بدلي ۾ سپر هاءِ وي جي ويجهو موجود زمين بحريا کي ڏئي ڇڏي جتي زمين جي قيمت 50 هوڻي وڌيڪ آهي). سپريم ڪورٽ پاران اهو واضع ڪرڻ جي باوجود ته ملير ۾ زمين جي مٽاسٽا ۽ گڏائڻ واري سرگرمي منڍ کان ئي غيرقانوني آهي ۽ ان جي ڪا قانوني حيثيت ناهي. پر زمين جي اصل حقدار BoR بي او آر سنڌ هن مهل تائين بحريه ٽائون کي هڪ انچ زمين به نئين سري کان الاٽ ناهي ڪئي.

ذريعن موجب مسئلو اهو آهي ته عدالت اهو واضع نه ڪيو ته اهو عمل ڪهڙي طريقي تحت ڪيو وڃي، سرڪاري زمينن بابت ايڪٽ 1912 به اهڙي صورتحال ۾ مددگار ثابت نٿو ٿئي جنهن جي وسيلي جن عملن کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي انهن کي قانوني دائري ۾ آڻي سگهجي موجوده حالتن ۾ نيب خاص طور تي سرگرم نظر اچي ٿي اهڙي حالت ۾ ان منجهيل مسئلي  ڪامورا شاهي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي (بلڪه بي او آر سنڌ جي سينيئر رڪن کي هاڻي ئي OSD او ايس ڊي بڻايو ويو آهي ڇاڪاڻ ته هو اهڙي ڪا ذميواي کڻڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن جي ڪري اڳيان هلي هن لاءِ قانوني مسئلا پيدا ٿين. موجوده  سينئر ميمبر بوارڊ آف روينيو SMBR شمس الدين سومرو آهي) پوءِ به حڪومت سنڌ پنهنجو پاڻ کي 4 مئي جي عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ 29 آڪٽوبر 2018 تي ان وقت جي ايس ايم بي آر محمد حسين سيد ڪراچي جي پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ مقامي حڪومت جي کاتن جي آفيسرن ان کان علاوه ڊائريڪٽر جنرل ايم ڊي اي ۽ ان وقت جي ڊي سي ملير به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٿيل ڳالهين جي تفصيلن مطابق اهو فيصلو ڪيو ويو ته بي او آر  انهن جڳهن تي اهڙا حڪم ناما رد ڪري ڇڏيندو يا پوئتي هٽي ويندو جتي ايم ڊي اي جي حق ۾ هن زمين الاٽ يا مختص ڪئي هئي. ڊي سي ملير ڪراچي کي حڪم نامو ملڻ تي معزز سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق ضرور ايڪشن وٺنداسين، تنهن هوندي هن وقت تائين ڪنهن قسم جا پختا قدم نه کنيا ويا آهن ۽ نه وري بورڊ آف روينيو ضروري ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪئي آهي ۽ نه ئي ڊي سي ملير شهزاد افضل عباسي غيرقانوني طور تي حاصل ڪيل زمينن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ورتو آهي حالانڪ بي او آرگهربل ڪارروائي ڪرڻ جي يادگيري به ڪرائي. بي او آر جي قانوني مشير جي اين مغل ۽ بي او آر BoR جي ڊپٽي سيڪريٽري ارشاد رند ٻنهي تصديق ڪئي ته ان ڏس ۾ اڃا تائين ڪابه اڳ ڀرائي نه ٿي آهي ارشاد رند ڊي سي ملير تي الزام هڻندي چيو ته 4 مئي جي فيصلي کان پوءِ عملي طور تي سرڪاري قبضو واپس وٺڻ ۽ اتي جاري بحريه ٽائون جي تعميراتي ڪم روڪڻ ۾ سنجيندگي جو مظاهرو نه پيو ڪيو وڃي. جيتري قدر ايم ڊي اي جو تعلق آهي ته ان جي مشير پلاننگ منظر ظهور به اهو ئي موقف رکي ٿو“ ڊي سي ملير کي سڀ کان پهرين بحريه ٽائون جي زمين پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ گهرجي. ان کان پوءِ سنڌ حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشني ۾ اها زمين ملير ڊولپمينٽ کي الاٽ ڪرڻي آهي”اطلاعن موجب بي او آر اهو فيصلو ڪيو آهي ته جڏهن زمين ريگيورلائيزشن جي حوالي سان متفقه طريقيڪار وضع ٿيڻ کان پوءِ قانوني منظوري لاءِ صوبائي اسيمبلي کي موڪليو ويندو، سپريم ڪورٽ جي عملدرآمد بينچ 21 مارچ تي اهو حڪم ڏنو هو ته بي ٽي ڪي BTK جو تعميراتي ڪم ايس بي سي اي  SBCA جي قانون سان گڏ لاڳو ٿيندڙ سڀني قانونن ضابطن ۽ ريگيوليشن موجب هئڻ گهرجي، هتي هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ايس بي سي اي جيڪو هڪ صوبائي ادارو آهي جنهن جو ڪم اها ڳالهه يقيني بنائڻ آهي ته عمارتن جي تعمير موجوده بلڊنگ ۽ ٽائون پلانگ جي ضابطن جي مطابق هجي. ان اداري ڪهڙي طريقي سان بنيادي اين او سيز NOCs حاصل ڪرڻ کانسواءِ بي ٽي ڪي کي پنهنجي تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي؟ هن وقت تائين اٿارٽي محض ان ايڏي وڏي منصوبي جي لاءِ فقط 6 هزار 7 سو 28 ايڪڙن جي لاءِ نقشو منظور ڪيو آهي. بلڪه هلندڙ سال جي اپريل جي ڳالهه آهي جڏهن ايس بي سي اي بحريه ٽائون کي اخبارن ۾ لبرٽي ڪمرشل جي نالي سان گڏ بحريه ٽائون ۾ ڪمرشل پلاٽن جي وڪري، بڪنگ جي حوالي سان شايع ٿيندڙ اشتهارن جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو هو ته اتي 12 منزله عمارت جي تعمير جي اجازت حاصل ڪئي وئي آهي. اداري مطابق اهو اشتهار گمراهه ڪندڙ آهي ڇاڪاڻ ته ايس بي سي اي بحريه ٽائون ۾ گهڻ منزله عمارتن جي تعمير جي ڪنهن به قسم جي اجازت ناهي ڏني، بلڪه ان کان پهرين 1055 گهر  جن جي ڊزائن جي اجازت ڏني وئي هئي، ان جي منظوري به رد ڪئي ويئي آهي. ان کان پوءِ بحريه ٽائون کي هدايت ڪئي وئي ته “هو اشتهار ۾ ڄاڻايل ان جڳهه تي غير قانوني ۽ بنا اجازت تعميرات جو ڪم ۽ خريد و فروخت ۽ مشهوري جون سرگرميون فوري طور تي بند ڪري” اهو چوڻ ۾ ڪوئي هرج ناهي ته اهو ريگيوليٽري اٿارٽين جو ڏيکاءَ جو به قدم هجي جنهن تي عمل جو ڪوبه ارادو نظر نٿو اچي. (ڊان موجب هن رپورٽ جو آخري حصو جلد شايع ڪيو ويندو، اضافي رپورٽنگ، اسلم شاهه. محمد حسين خان ) نوٽ، سڃاڻپ جي ظاهر نه ٿيڻ لاءِ رپورٽ ۾ شامل چند نالن کي تبديل ڪيو ويو آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو