ملاوٽي شين جي چڪاس، دوڪانن تي ڇاپا ۽ ڏنڊ

سيٺارجا (سجاد ڪٻر)ڪيميڪل واري کير جي وڪري ۽ گوشت توڙي سبزين جي هٿرادو اگهن واري شڪايتن تي اسسٽنٽ مختيارڪار ميرواهه راشد شاهنواز راڄپر سيٺارجا پهچي کير وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن ، مرغي فروشن ۽ سبزي فروشن تي اوچتا ڇاپا هنيا ان موقعي تي هن کير وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن وٽ لائيسنس نه هجڻ ، پاروٿو کير هلائڻ ۽ غير معياري وڪرو ڪرڻ تي جڏهن ته مرغي فروشن ، سبزي توڙي فروٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن پاران هٿرادو مهانگائي ڪرڻ ۽ ريٽ لسٽون نه هڻڻ ۽ صفائي نه هجڻ تي مٿن اڍائي هزار روپيه ڏنڊ وڌو ۽ کين چتاءُ ڏنو ته هٿرادو مهانگائي ۽ عام استعمال جي غير معيارين شين جو وڪرو بند نه ڪيو ويو ته ايندڙ مرحلي ۾ دوڪاندارن خلاف وڌيڪ سخت ڪاروائي ڪندي سندن دوڪان سيل ڪري مٿن ڪيس داخل ڪرايا ويندا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو