مقبول باقر جي ايڊهاڪ جج طور ذميواري وٺڻ کان معذرت

مقبول باقر جي ايڊهاڪ جج طور ذميواري وٺڻ کان معذرت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جسٽس(ر) مقبول باقر سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج جي ذميواري وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.هن پنهنجي هڪ تازي بيان ۾ ايڊهاڪ جج بنجڻ کان معذرت ڪندي وضاحت ڪئي آهي. هن چيو ته ايڊهاڪ جج جي آڇ کان معذرت ذاتي سببن جي آڌار تي ڪئي آهي. جسٽس(ر) مقبول باقر چيو آهي ته ايڊهاڪ ججز جي مقرري آئيني آهي. ايڊهاڪ جج جي معاملي تي ٿيندڙ تنقيد بنا ڪنهن جواز جي آهي.هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهيو آهي. چيف جسٽس جو اهو قدم 100 سيڪڙو آئيني ۽ قانوني آهي. قاضي فائز عيسيٰ جڏهن چيف جسٽس بڻجو هو ته هن مون سان انهي جي باري ۾ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. چيف جسٽس چيو هو ته سياسي ڪيسن جي ڪري سپريم ڪورٽ جو تمام گهڻو وقت ضايع ٿي ويو آهي. جسٽس(ر) مقبول باقر وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هزارين ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، هن التوا کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ايڊهاڪ ججز جي مقرري ڪئي پئي وڃي، جسٽس طارق مسعود کوسه، جسٽس مظهر عالم ميان خيل انتهائي قابل ۽ ايماندار ججز آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو