اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مفتاح اسماعيل جيڪو چيو درست چيو، ڊار جي دير سان رپئي جي قدر ان حد تائين گهٽجي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي اسٽينڊ باءِ معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، رقم آءِ ايم ايف کان 3 قسطن ۾ ملندي.هن چيو ته آءِ ايم ايف نظرثاني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، اسٽينڊنگ معاهدي ۾ توانائي سڌارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن موجب حڪومت کي بجلي جا اگهه وڌيڪ وڌائڻا پوندا، سخت گرمي ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جاري آهي.شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ڪابينا کي 8 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي درخواست ڪري رهي آهي، وزيراعظم چئي رهيو آهي ته سندس حڪومت 14 آگسٽ تي ختم ٿي ويندي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان موجب دبئي اجلاس ۾ کيس اعتماد ۾ نه ورتو ويو، ايمل ولي چيو هو ته گورنر غلام علي ڪي پي ۾ پنهنجي پارٽي لاءِ صورتحال سازگار بڻائي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، وڏي اسٽيڪ هولڊر آهي، چونڊن ۾ ليول پلينگ فيلڊ تمام ضروري آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو اهو به چوڻ هو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن خاص گروهه سان تعصب نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن کي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ گهرجن.
