معصوم ٻار، ٻڪري ۽ گڌهه کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

مبارڪپور(قربان مهر) ڳوٺ ميهار شر ۾ ڪتو ڇتو ٿي پيو گهر ۾ بيٺل ٻڪري، گڏھ ۽ پنجن سالن  جي معصوم ذوالفقار پٽ وزير چاچڙ کي ويهڪ واري جاءِ تي چڪي زخمي ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن ڪتي کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماري ڇڏيو. معصوم ٻار کي زخمي حالت ۾ مبارڪپور جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتي وئڪسين نه هجڻ جي ڪري ليٽر ڏئي جيڪب آباد پي پي ايڇ آئي آفيس ريفرر ڪيو ويو. ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڇتي ڪتي جي چڪ واري وئڪسين جي سهولت مبارڪپور جي بي ايڇ ايو ۾ ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو