معذورن جو عالمي ڏينهن، سنڌ اندر جاڳرتا ريليون، احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) معذورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ جاڳرتا ريليون ڪڍي حڪومت طرفان اعلانيل معذور ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان حوالي سان نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ جاڳرتا ريلي ريجنل ڊائريڪٽر اسپيشل ايجوڪيشن عبدالرحمان لانڊر، اسسٽنٽ ڪمشنر طارق سولنگي، عبدالغني سيال، معشوق زرداري جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي انهي موقعي تي معذور ماڻهن دلمراد مري، سائين داد مري، عبدالڪريم چانڊيو، نور علي بروهي ۽ ٻين چيو ته حڪومت جي طرفان اعلانيل ڪوٽا مطابق نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن ۽ معذورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي صحت مند ۽ جسماني طرح سان فِٽ ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ٿيون وڃن اها اسان سان ويساهه گهاتي ڪئي ٿي وڃي ۽ اسان جي اسپيشل ٻارن جي ڪجهه تعليمي ادارن ۾ بجلي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو آهي اهو ختم ڪيو وڃي انهي موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالرحمان لانڊر چيو ته اسان جي ريجن ۾ 768 ٻار 13 اسپيشل ايجوڪيشن سينٽرن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن انهن کي کاڌو خوراڪ به ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته اسپيشل ماڻهن کي نوڪريون ڏيارڻ لاءِ سيڪريٽري حڪومت سنڌ طرفان اهڙو هڪ ليٽر هر هڪ ڊپٽي ڪمشنر کي ملي ويو آهي ۽ جلد انهي تي عملدرآمد ڪيو ويندو. جڏهن ته آخر ۾ ڪجهه معذورن نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن ۽ ريهبليشن اسڪول مورو جي معذور ٻارڙن جو ڏينهن ملهايو ويو.

ان موقعي تي ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ معذور ٻارڙن پاران ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب وٽ پهتا، ان سلسلي ۾ اسڪول جو پرنسيپل مشتاق احمد عالماڻي، نذر علي عالماڻي، زاهد مشوري، محمد عليم سولنگي، مسور علي ڏاهري، سمينا دونگھ خطاب ڪندي چيو ته انسان جي اصل عبادت معذور ٻارڙن جي خدمت ڪرڻ آهي هي ادارو اهڙن معذور ٻارڙن جيڪي ڪجھ به نه ٿا سمجهي سگهن انهن کي پڙهائي، سمجھائڻ سميت ادب جي سکيا ڏئي ٿو سرندي وارن کي گهرجي ته اهڙن اسپيشل اسڪولن جي سار سنڀال لهن ۽ اهڙن معذرو ٻارڙن جي خدمت ڪن. هي ادارو خاص طور تي معذور ٻارڙن جي پڙهائي ۽ سار سنڀال لاءِ گهر کان اسڪول تائين ٽرانسپورٽ، منجهند جو ماني جو بندوبست پڻ ڪيو آهي جڏهن ته هر هڪ شاگرد کي هر مهيني ٻه هزار روپيا وظيفو ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. جڏهن ته اسڪول جي ٻارڙن سنڌي ٽوپي ۽ ثقافتي ويس وڳا پائي سنڌ ثقافت جو ڏهاڙو پڻ ملهايو. *** شهدادڪو

ٽ مان شاهد اعواڻ مطابق معذور  جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان معذرون ۽ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهئيبليٽيشن سينٽر پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي پنهنجي حق ۾ نعريبازي ڪئي ،  گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهئيبليٽيشن سينٽر پاران هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي وئي جنهن  ۾  شاگردن, شاگردياڻين استادن کان علاوه شهدادڪوٽ تعلقي ميونسپل چيئرمين ميرمٺل خان مغيري پڻ شرڪت ڪئي ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي تعلقي ميونسپل چيئرمين ميرمٺل خان مغيري، پرنسپال محمد اسلم وڌو، فوزيه وڌو، وحيد ڀٽي، فاروق خشڪ ، بابر قريشي، نجم الدين ميمڻ، غلام علي گوپانگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ذهني پسمانده ۽ معذور ٻارڙن ۾ هر صلاحيتون موجود آهن جن کي ڪنهن به لحاظ کان گهٽ به سمجهيو وڃي، والدين کي پنهنجي خصوصي ٻارڙن ڏانهن به نارمل اولاد جيان توجهه ڏيئي سندن تعليم جي زيور سان روشناس ڪيو وڃي جنهن لاء شهدادڪوٽ اسپيشل اسڪول ۾ خصوصي ٻارڙن کي تعليم سان گڏ ڪمپيوٽر سميت هنري سکيا ڏني پئي وڃي مقررن چيو ته خصوصي ٻارڙا اسان جي معاشري جو اهم حصو آهن جن تي توجهه ڏيڻ هر هنر مند ڪاريگر ۽ ساڃاه وندن جي اولين فرض آهي، هوڏانهن معذورن اتحاد پاران ريلي ڪڍي پنهنجي حقن لاء نعريبازي ڪئي ، معذور اتحاد جي معذورن  اعجاز کوسو ، محمد رضا مگسي ، پيار علي جويو ،  گدا حسين ننگراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ معذورن ريلي ڪڍي شهري مختلف رستن کان ٿيندي ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جي معذورن جي معاشي ڪمزور آهي هنن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪافي معذورن وٽ ويلچيئرس نه آهن ۽ نه ئي سرڪار پاران %5 ڪوٺا تي عمل به نه پيو ٿي هنن وڌيڪ چيو ته معذورن لاء آيل سمورا فنڊ سرڪاري ڪامورا هڙپ ڪري رهيا آهن،

هنن تڪ جي چونڊيل نمائيندن ايم پي اي نادر مگسي ، ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي ۽ ضلعي جي بالا آفيسرن ڊي سي قمبر ۽ ٻين کان معذورن جي مسئلي جي نوٽيس وٺي ، معذورن کي ويلچيئرس ،  نوڪريون ڏئي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. *** ٺل مان عبدالنبي شيخ مطابق معذورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٺل جا معذور بنيادي حقن کان محروم، ٺل جي معذورن جو پنج پرسنٽ ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهروڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن چيو ته ٺل جي معذورن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي پنج پرسنٽ ڪوٽا تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي هتان جي ايم پي اي پاران اسان سان واعدو ڪري احتجاج ختم ڪرايو هو پر هڪ سال گذري وڃڻ باوجود به اسان جا جائز مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن هنن گهر ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو