مشهور ڪاميڊين جاود ڪوڏو اسپتال داخل، دعا جي اپيل

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور ڪاميڊين جاويد ڪوڏو جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. سندس پٽ طيب جاويد ميڊيا کي ٻڌايو ته گزريل رات کيس پيٽ ۾ تڪليف بعد نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن سندس انڊوسڪوپي ڪئي ۽ شڪ طاهر ڪيو آهي ته کيس السر آهي. سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. هن مداحن کي دعا جي اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو