مشتاق سرڪي جي گرفتاري خلاف صحافين جو احتجاج

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ڪراچي جي سينئر صحافي مشتاق سرڪي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ ۽ سندن مٿان تشدد ڪرڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ مشتاق سرڪيءَ تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي قلم ڌڻين ايم ظفر تڳر، زاهد راڄپر، خادم حسين مري، گل مورو،مشتاق مري،ممتاز سولنگي، يونس راڄپر، خادم سيال، مظهرخاصخيلي، قاسم اسراڻ، عطا حسين سمون، سهيل راڄپر، اقبال راڄپر ۽ ٻين چيو ته صحافي مشتاق سرڪي کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته مشتاق سرڪي ڪراچي ۾ بيگناهه قتل ڪيل ارشاد رانجهاڻي ڪيس ۾ اڳڀرو هو، ان ڪري اسان کي خدشو آهي ته کين ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد قتل نه ڪيو وڃي. هنن چيو ته مشتاق سرڪيءَ تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ جا قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻجي ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو