مشتاق سرڪي جي گرفتاري خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي ( نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن م سينئر صحافي مشتاق سرڪي کي پوليس پاران گرفتار ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف صحافين ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مظاهرين جي هثن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي مشتاق سرڪي کي آزاد ڪرڻ جا مطالبا لکيل هئا. مظاهرين “مشتاق سرڪي کي آزاد ڪريو، مشتاق سرڪي تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو”. سکر مان امداد ڪلوڙ موجب پريس ڪلب جي سامهون مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ عام شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سماجي اڳواڻ عائشو کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ مشتاق جي جلد آزادي جو مطالبو ڪندي سنڌ جي وڏي وزير، چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو.

پنون عاقل مان سنتوش ڪمار ٻڌايو آهي ته پنون عاقل پريس ڪلب آڏو مقامي صحافين، پنوعاقل ويلفيئر اتحاد ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين کي خطاب ڪندي مقررن ، ڪراچي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مققرن چيو ته پوليس مشتاق سرڪي تي تشدد ڪري رهي آهي ۽ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث پيٽي ڀائي پوليس اهلڪارن کي بچائڻ چاهي ٿي. پنوعاقل ويلفيئر اتحاد جي چيئرمين عبدالمجيد جسڪاڻي، پنوعاقل يونين آف جرنلسٽس جي صدر صحافي راجا رستم انڍڙ، سنڌي ادبي سنگت شاخ

پنوعاقل جي سيڪريٽري اسد چاچڙ، صحافي الطاف حسین ڪلوڙ، يعقوب بلو، لالا شعبان سنڌي، صحافي عبدالحفيظ ڪلوڙ، شاھد جتوئي، ميان خير الدين انڍڙ، صحافي شاھد مغل، صحافي زبیر انڍڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ صحافي مشتاق سرڪي شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪراچي ۾ سنڌين کي گڏ ڪري ڌرڻو هڻي قاتل رحيم شاھ مٿان ڪيس داخل ڪرايو ۽ کيس گرفتار ڪرايو. هنن مطالبو ڪيو ته مشتاق سرڪي کي آزاد ڪري مٿس تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ ٻڌايو آهي ته مقامي صحافين پريس ڪلب صدرمسعودعالم سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. احتجاج ۾ شريڪ ٿيندڙ صحافين پارن آئي۔جي۔سنڌ ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبوڪيو ويو ته صحافي مشتاق سرڪي خلاف داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس فوري طور واپس وٺي تعصب پرست پوليس آفيسرن خلاف انڪوائري ڪندي صحافي سان انصاف ڪيو وڃي. مظاھري ۾ صحافي دليپ ڪمارٺاڪر،حفيظ ملڪ، ياسين لاشاري،علي حسن ملڪ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

مشتاق سرڪي جي گرفتاري خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا” هڪ تبصرو

  1. سائين توھان جي اخبار بهترين آهي پر ان کي اخباري شڪل ڏيو،
    سلطانپور اسٽيشن لاءِ به نمائندو مقرر ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو