مسلم ليگ ڌڪ کاڌو آهي هاڻي حالتون بهتر ٿينديون، زرداري

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) نيب آصف علي زرداري جو 11 ڏينهن جو وڌيڪ جسماني رمانڊ وٺڻ بعد کيس قومي اسمبلي آندو، جتي مسلم ليگ جي سعد رفيق ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻن قيدين جي ملاقات هئي، زرداري صاحب سينئر آهي ساڻس ملڻ آيس. هن وڌيڪ چيو ته نيب جو ڪارو قانون ختم نه ڪرڻ اسانجي نالائقي آهي. هن چيو ته عمران خان ڌمڪيون نه ڏئي ملڪ هلائڻ هن جي وس ۾ ناهي. جنهن بعد آصف علي زرادري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ڌڪ کاڌو آهي ۽ هاڻي حالتون بهتر ٿينديون. هن چيو ته نيب جو رويو عزت ڀريو آهي، مان به سندن احترام ڪريان ٿو، مون حڪومت کي چارٽر آف اڪنامي جي تجويز ڏني آهي هو نٿا مڃن ۽ مذاق ٿا اڏائن. هڪ سوال تي هن چيو ته نواز ليگ سان گڏ ويٺاسن عمران سان گڏجڻ مشڪل آهي. هن چيو ته سنڌ جي وزيراعليٰ جي گرفتاري جي خبر افواه آهي، جيڪو آساني سان اقتدار ۾ ايندو آهي ان کي جمهوريت جو قدر نه هوندو آهي، عمران کي عام ماڻهن جي مشڪلن جي خبر ناهي، هن چيو ته مشرف ۽ عمران حڪومتن ۾ فرق وردي جو آهي، مشرف کي وردي پاتل هئي عمران بنا وردي جي آهي. آصف علي زرداري ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 66 هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ان کان اڳ صبح جو نيب وارا زرادري کي اسمبلي بدران اڳ ۾ رمانڊ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت محمد ارشد ملڪ آصف علي زرداري جي جسماني رمانڊ ۾ 11 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. نيب اختيارين جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد اڳوڻي صدر آصف زرداري کي ٻيهر اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ 14 ڏينهن وڌيڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ لاءِ درخواست ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفرعباسي اڳوڻي صدر جي ميڊيڪل چيڪ اپ جي حوالي سان ۽ هن مهل تائين ٿيل جاچ بابت رپورٽ جمع ڪرائي. سردار مظفر عدالت کي آگاهه ڪيو ته جاچ دوران آصف زرداري روپوش جوابدار ناصر عبدالله سان ويجهي واسطي کي تسليم ڪيو آهي. جنهن تي زرداري جي هڪ وڪيل فاروق نائڪ چيو ته ڪنهن کي سڃاڻڻ ڪو ڏوهه ته ناهي. سندس ٻئي وڪيل لطيف کوسه چيو ته برآمد ڇا ڪيو اٿو، فرضي ڪهاڻيون نه ٻڌايو. سردار مظفر زرداري کي چيو ته هو ڪجهه چوڻ چاهي ته روسٽرم تي اچي. جنهن تي سندس وڪيلن چيو ته هوپنهنجي باري ۾ ٻڌڻ ٿو چاهي ته اوهان ڇا ٿا چئو. جج چيو ته ي ۾ به سياسي ڪيس داخل ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران آصف زرداري چيو ته هڪ ئي وقت 90 ڏينهن جو رمانڊ وٺي ڇڏيو، اهو ڇا آهي جو 14-14 ڏينهن جو رمانڊ وٺي رهيا آهيو، سندس اهڙي ڳالهه تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. زرداري ۽ سندس وڪيل کوسه چيو ته جج ايماندار آهي اسانکي عدليه تي اعتماد آهي. عدالت نيب کي هدايت ڪئي ته آصف زرداري کي 2 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪيو وڃي. ان کان اڳ سخت سيڪورٽي جا انتظام ڪيا ويا، سڀ رستا بند ڪيا ويا. سسئي پليجو، شاهده رحمٰن، گيانچند ۽ ٻين کي پوليس روڪي ڇڏيو پر بعد ۾ عدالت وڃڻ جي اجازت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو