مستونگ لڳ خوفناڪ ايڪسيڊنٽ 11 ڄڻا فوت 9 زخمي

ڪوئٽا(م ڊ) ڪراچي کان ڪوئٽا ويندر مسافر ويگن جو مستونگ وٽ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا. فوت ٿي ويلن جو هڪ ئي خاندان سان تعلق ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي قلعه عبدالله وڃي رهيا هئا. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته روڊ تي برسات سبب ترڪڻ لڳي پئي هئي، حادثي بعد ويگن ڪافي ڪلٽيون کاڌيون. زخمين کي نواب غوث بخش رئيساڻي اسپتال مستونگ پهچايو ويو. ڪراچي ۽ ڪوئٽا وارو روڊ خراب آهي روڊ حادثا معمول بڻيل آهن. هلندڙ سال جنوري ۾ لسٻيلا وٽ خوفناڪ ايڪسيڊنٽ ۾ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو