مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ڪنڌڪوٽ ۾ جلوس، مزدورن کي حق ڏيو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: غالب بلوچ) ڪنڌڪوٽ ۾ مزدور يونين پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ريلي ڪڍي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اناج منڊي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي مزدورن يونين جي اڳواڻن طارق باجڪاڻي، آفتاب باجڪاڻي،پي۔پي۔اڳواڻ ڏاڏوخان جکراڻي ۽ ٻين اڳواڻن جي قيادت ۾ ڪڍي وئي، ريلي ۾ مزدور يونين اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شآمل اڳواڻن طارق باجڪاڻي، آفتاب باجڪاڻي، ڏاڏو خان جکراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو۔ٻئي پاسي واپڊاھائيڊو يونين پاران يونين چيئرمين اصغربجاراڻي۔يونس ملڪ جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس کان ريلي ڪڍي ويئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اڄ جي تاريخ تي  شڪاگو جي شهيد مزدورن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو آهي. اڄ اسان ريلي ڪڍي شڪاگو جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ مزدورن بابت مناسب قانون سازي ڪئي وڃي ۽ انهن تي عمل ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو