مزاري ڳوٺ لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ٻن ٻارن سميت 4 فوت

ڪشمور(جي ايم کوسو) پنجاب جي مزاري ڳوٺ ٿاڻي جي حد انڊس ھاء وي تي ڪرش پلانٽ جي ڀرسان ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل جي وچ ۾ آمھون سامھون خوفناڪ ٽڪرجي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 23 سالن جو محمد نواز ملڪ، 36 سالن جي مائي بهاران، 7 سالن جي ٻارڙي ڪائنات ۽ 5 سالن جو بلال احمد ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. ٽرالرڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو جڏھن ته واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي ٽرالر کي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ريسڪو 1122 وارا لاشن کي کڻائي شاھوالي اسپتال ۾ پھچايا ويا. يادرھي ته مري ويل ھڪ ئي خاندان جا ھئا. فوتي ڪشمور لڳ چنڊ ملڪ جا رهواسي آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو