ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان کي هينئر تائين آدمشماري جا سرڪاري نتيجا نه مليا آهن، صوبي جي آدمشماري ڏيکاري وڃي. آدمشماري بابت ڪنهن کي به شڪ نه هئڻ گهرجي. ڌرڻا ڇڏي ڏيو، ڪراچي جي عوام کي ڪم جي ضرورت آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ڪراچي پاران سالياني گريجوئيشن تقريب ڪوٺائي وئي.تقريب ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سڄي ملڪ مان مڊ ڪيريئر ڪورس حاصل ڪندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا.سالياني گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ميئر ڪراچي سمورن آفيسرن کي ٽريننگ مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته تعليم سان گڏ تربيت آفيسرن کي بهتر بڻائي ٿي ۽ آفيسرن جي تربيت ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ (اين آءِ ٽي) اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،مڊ ڪيريئر ڪورس مڪمل ڪرڻ تي سمورن آفيسرن کي مبارڪون.ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته سٺن تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ باوجود نوجوان پاڪستان کان ٻاهر وڃن ٿا.مون کي فخر آهي ته مون هڪ سرڪاري اداري مان تعليم حاصل ڪئي، اسان ئي آهيون جيڪي ملڪ پاڪستان کي تبديل ڪري سگهون ٿا.هن چيو ته 2022ع ۾ برساتن کانپوءِ مٿس تنقيد ڪئي وئي. پر هاڻي ائين ناهي ته ماڻهو توهان تي تنقيد نه ڪندا پر هاڻي آفيسر فائلن تي صحيح ڪرڻ وقت پريشان آهن.ميئر ڪراچي چيو ته ڪي ايم سي وٽ 11 اسپتالون آهن جن ۾ مسئلا آهن.مون چيو ته صحت جو شعبو صوبائي حڪومت وٽ هجڻ گهرجي، صوبائي حڪومت اين آءِ سي وي ڊي کي بهترين طريقي سان هلائي رهي آهي.
