مرتضيٰ وهاب ڪراچي پورٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز ۾ شامل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي پورٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز ۾ شامل ڪيو ويو وفاقي ڪابينه ڪراچي پورٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز بابت غير معمولي فيصلو ڪيو ڪابينه بورڊ جو ٻن سالن جو مدو ختم ٿيڻ تي هڪ سال جي وڌيڪ واڌ جي منطوري ڏئي ڇڏي ذريعن موجب اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ٽن اعتراضن جي باوجود بورڊ جي هڪ سال لاءِ واڌ ڪئي وئي آهي وزيراعظم کان بورڊجي مدي ۾ هڪ سال واڌ وٺڻ جي اڳواٽ منظوري ورتي وئي 11 رڪني بورڊ مان غياث احمد کي فارغ ڪيو ويو جڏهن ته ڪراچي چيمبر جي حسن زبير کي شامل ڪيو ويو بحري معاملن واري وزارت پنهنجي من پسند بورڊ ميمبرن جي مدي ۾ هڪ سال واڌ جي سفارش ڪئي بحري معاملن وفاقي ڪابينه کان سرڪوليشن جي ذريعي منظوري ورتي قائدن مطابق ٻن سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي اهل ماڻهن تي ٻڌل نئون بورڊ جوڙڻو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو