مراد شاهه جي جهاز جي غلط استعمال جو ثبوت ملي ويو، شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيوآهي ته سول ايوي ايشن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي سرڪاري جهاز جي غير قانوني استعمال جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اسين مراد شاه خالف نيب ۾ ڪيس داخل ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جو سرڪاري جهاز پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صوبائي وزير استعمال ڪرڻ واري مامري تي لکيل خط تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جواب ڏنو آهي ۽ تصديق ڪئ آهي ته 4 جولاء تي ملتان ايئرپورٽ تي جيڪو جهاز لينڊ ٿيو، جهاز ۾ بلاول ڀٽو زرداري، سعيد غني، ناصر شاه سميت 7 مسافر سوار هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو